Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain
﴿2﴾ سمورا گُناھ مُعاف
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِ نَا وَ مَوْلَانَا مُحَمَّدٍ وَّ عَلٰی اٰلِہٖ وَسَلِّمْ
حضرتِ سيدُنا
انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان
روايت آهي ته تاجدارِ مدينہ
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ
وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو:
جيڪو شَخص هي دُرُود شريف پڙهي جيڪڏهن بيٺل هو
تو ويهڻ کان پهريان ۽ ويٺل هو ته بيهڻ کان پهريان، ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا. (افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ الحادیۃ عشرۃ، ص 65)
﴿3﴾ رَحمت جا ستّر دروازا
صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّدٍ
جيڪو هي دُرُود شريف پڙهندو آهي ان تي رحمت جا ستر دروازا کوليا ويندا آهن. (القول البدیع، الباب الثانی، ص277،)
﴿4﴾ ڇھ لک دُرُودشريفن جو ثواب
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ عَدَدَ مَا فِیْ عِلْمِ اللّٰہِ صَلَاۃً دَ اۤ ئِمَۃًۢ بِدَوَامِ مُلْكِ اللّٰہِ
حضرت اَحمد صاوِي عَلَيہِ رَحمَۃُ اللّٰہ ِالہَادِي ڪن بُزرگن کان نقل ڪن ٿا هن دُرُود شريف کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ڇھ لک دُرُودشريف پڙهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي. (افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ الثانیۃ والخمسون، ص149)