Book Name:HIrs kay Nuqsanat Qanaat ki Barkatain
واقع ٿي وئي۔ هي ڏسي ڪري سندس گھروارا گھٻرائجي ويا پر اُن شخص هي چئي ڪري اُنهن کي تسلّي ڏني ته اسان کي نانگ کان ملڻ وارو نفعو، ٻڪري جي قيمت کان وڌيڪ آهي تنهنڪري پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي۔ ڪجھ عرصي کان پوءِ نانگ سندس پَالتو گڏھ کي ڏنگي ورتو جيڪو يڪدم مَري ويو۔ هاڻي ته اهو شخص به گھٻرائجي ويو پر لالچ وچان اُن فورًا خُود تي قابو ڪيو ۽ چوڻ لڳو: آئون ڏسي رهيو آهيان ته هي نانگ اسان کي مُسلسل نُقصان پہچائي رهيو آهي پر جيستائين هي نُقصان جانورن تائين مَحْدُود آهي، آئون صبر ڪندس، اِن کان بعد نه۔ پوءِ ٻن (2) سالن جو عرصو گُذري ويو پر نانگ ڪنهن کي به نه ڏنگيو، گھروارن به پنهنجي جانورن جي نُقْصان کي وساري ڇڏيو۔ پوءِ هڪ ڏينهن نانگ سندس غُلام کي ڏنگيو۔ اُن ويچاري مَدَد جي لاءِ پنهنجي مالڪ کي سَڏيو پر اِن کان پهرين جو مالڪ اُن تائين پهچي ها، زَہْر جي سبب غُلام جو جسم ڦاٽي چڪو هو۔ هاڻي اهو شخص پريشان ٿي ڪري چوڻ لڳو: ان نانگ جو زہر ته تمام خطرناڪ آهي، ان جنهن جنهن کي ڏنگيو اهو يڪدم مَوْت جو شڪار ٿي ويو، هاڻي ڪٿي منهنجي گھروارن مان ڪنهن کي نه ڏنگي وٺي۔ ڪيترائي ڏينهن انهي پريشاني ۾ گُذري ويا ته اِن نانگ جو ڇا ڪيو وڃي؟ دَولت جي حَرص هڪ ڀيري ٻيهر اُن شخص جي اکين تي پَٽي ٻَڌي ڇڏي ۽ هن شخص اهو چئي ڪري پنهنجي گھروارن کي مُطمَئِن ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن اُن نانگ جي سبب اسان کي نُقْصان ٿي رهيو آهي پر سون جا آنا (بيضا) به ته ملي رهيا آهن تنهنڪري اسان کي وڌيڪ پريشان نه ٿيڻ گھرجي۔ ڪجھ ڏينهن کان بعد نانگ سندس پُٽ کي به ڏَنگي ڇڏيو۔ يڪدم تِرْياق (يعني زہر جو اثَر ختم ڪرڻ واري دَوا) جو اِنتِظام ڪيو ويو پر اُن جو ڪجھ فائدو نه ٿيو ۽ اُن نينگر