Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

رنگ ڏيڻ جي لاءِ ڪوڙا لطيفا، ڪوڙيون ڪهاڻيون ۽ڪوڙا قصّا ٻُڌائي ڪري ماڻهن کي کِلائڻ، اهڙي طرح موبائل فون جي ذريعي افواهون اُڏائڻ، سوشَل مِيڊيا (Social Media) جي ذريعي ڪنهن جي طرف ڪوڙي ڳالھ مَنسُوب ڪري ڦھلائڻ ڄڻ ته مَعيوب ئي ناهي سمجھو ويندو، جڏهن ته اِنهن سڀني ڳالهين ۾ شَيطان جي خُوشي ۽ پنهنجي آخِرت جي بربادي آهي۔ ڪوڙ جي مُرَوَّجَه صُورتن مان هڪ ٻي خَطَرناڪ صُورت ڪورٽ (عدالت) ۾ ڪوڙي گواهي ڏيڻ به آهي۔ ڪوڙ جي هي صُورت يعني ڪورٽ (عدالت) ۾ ڪوڙي گواهي ڏيڻ سڀ کان خَطَرناڪ آهي، ڇو جو اِن سان ماڻهن جي حقن ۽ عزّت ۽ آبرو کي نُقصان پهچندو آهي ۽ ان سان مُعاشَرتي نِظام ۾ خَلَل واقِع ٿيندو آهي۔

رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: ڪوڙي گواهي، اللہ عَزَّوَجَلَّ سان شِرڪ جي برابر آهي۔ (سنن الترمذی ،ابواب الشہادات،باب ماجاء فی شہادۃ الزور،۴/۱۳۳) اهڙي طرح ڪوڙا قسمَ کائڻ به اِنتہائي بُري خَصلَت آهي، اسان وٽ ڪوڙا قَسمَ کائي ترقّي حاصل ڪرڻ کي وڏو ڪارنامو سمجھيو ويندو آهي ۽ جيڪو ڪوڙ کان پاسو ڪندي ہميشه سچ ڳالهائڻ جو عادي ہجي، اُن کي بيوقوف، ڪم عَقل،نادان۽ اَحمَق سمجھيو ويندو آهي ۽ گھڻو ڪري سچ کي تَرقّي جي راھ ۾ رڪاوٽ تَصَوُّر ڪيو ويندو آهي۔ اهو ئي سبب آهي ته گھڻو ڪري مَذمُوم مَقصدن جي لاءِ ڪوڙا قَسَم کڻڻ کان به شرم محسوس ناهي ڪيو ويندو۔ جڏهن ته هي به گُناھِ ڪبيرہ آهي۔ اچو ته! ڪوڙا قَسمَ کڻڻ جي مُتَعلِّق ٻه (2) فَرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻُڌون ٿا: