Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

1.      ڪبيرہ گُناھ ٽي (3) آهن، شرڪ، والدين جي نافرماني، ڪوڙو قَسَم ۽ ڪنهن کي قَتل ڪرڻ۔ (بخاری ، کتاب الایمان والنذور ، ۴/۲۹۵، الحدیث: ۶۶۷۵)

2.      جيڪو پنهنجي قَسَم جي ذريعي ڪنهن مُسَلمان جو حق کَسي، ته اللہ عَزَّوَجَلَّ اُن تي جہنَّم کي واجِب ۽ جَنَّت کي حَرام ڪري ڇڏيندو۔ '”صحابهء ڪرام (عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان) عَرض ڪيو: يارَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جيڪڏهن اها معمولي شيء هجي ته؟ فرمايو: چاهي لُوبان ئي هجي۔

(مسلم ، کتاب الایمان ، رقم الحدیث:۱۳۷، ص:۸۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته مٺي مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڪوڙا قسمَ کڻي ٻين جو مال ڦٻائڻ واري جي لاءِ جہنَّم ۾ داخلي جي وَعِيد ٻڌائي آهي۔ بَيان ڪيل صُورتن کان عِلاوه به ٻين ڪيترن ئي صُورتن ۾ ڪوڙ ڳالهايو ويندو آهي۔ جيئن ڪوڙيون تَعريفون ڪرڻ، ڪوڙا خَواب ٻڌائڻ، ڪوڙي وَڪالت ڪرڻ، ڪوڙا واعدا ڪرڻ، ڪوڙيون خَبَرون ڦهلائڻ، پهرين اپريل تي ڪوڙ ڳالهائي ڪري اپريل فُول ملهائڻ، اَلغَرَض! بيشُمار صُورَتن ۾ ڪوڙ هڪ ناسُور (يعني ہميشه رہڻ واري زخم) وانگر اسان جي مُعاشَري ۾ ڦهلجي رهيو آهي۔ ڪوڙ ۽ ان جهڙين ٻين ظاہِري ۽ باطِني بيمارين کان بچڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، زَبان کي غَير ضَروري ڳالهين کان بچائڻ جي لاءِ زَبان جو قُفلِ مدينه لڳايو، ہر هفتي مَدَني مُذاڪري ۽ سُنَّتن ڀري اِجتِماع ۾ شِرڪت کي پنهنجو معمول بڻائي وٺو، مَدَني انعامات تي عَمَل ۽ عاشِقانِ رسول سان گڏ ہر مهيني ٽن (3) ڏينهن جي مَدَني قافلي ۾ سَفَر ڪريو، اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ دُنيا ۽ آخِرت جون بي شمار ڀلايون نَصِيب ٿينديون۔