Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! ڪوڙ ناجائز ۽ گناھ آهي، پر ڪجھ صورتون اهڙيون به آهن جن ۾ ڪنهن غرضِ صحيح ۽ ضرورت جي پيشِ نظر شريعت ڪوڙ ڳالهائڻ جي اجازت به ڏني آهي ۽ ان ۾ گناھ ناهي البته *جنهن چڱي مقصد کي سچ ڳالهائي حاصل ڪري سگھجي ۽ ڪوڙ ڳالهائي ڪري به، ته اُن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ حرام آهي *جيڪڏهن چڱو مقصد ڪوڙ جي ذريعي حاصل ڪري سگھجي ۽ سچ ڳالهائڻ ۾ حاصل نه ٿيندو هجي ته هاڻي ڪجھ صورتن ۾ ڪوڙ به جائز بلڪه ڪجھ صورتن ۾ واجب آهي، جيئن (1) ڪنهن بيگناھ کي ظالم شخص قتل ڪرڻ چاہي يا اِيذاء ڏيڻ چاهي ۽ اهو ان جي ڊپ کان لڪيل آهي، ظالم شخص ڪنهن کان پڇيو اهو ڪٿي آهي؟ ته جيڪڏهن ان کي خبر به هجي ته چوي مون کي معلوم ناهي (2) يا ڪنهن جي امانت ان وٽ آهي، ڪو ان کان کَسڻ جي لاءِ پڇي ته امانت ڪٿي آهي؟ هي انڪار ڪري سگھي ٿو ته مون وٽ ان جي امانت ناهي۔ (''ردالمحتار''،کتاب الحظر والإباحۃ، فصل فی البیع،ج۹، ص۷۰۵) (3) اهڙي طرح ٻن مسلمانن ۾ اِختلاف آهي ۽ هي انهن ٻنهي ۾ صُلح ڪرائڻ چاہي ٿو، ته هڪ جي سامهون هي چئي ڇڏي ته اهو تو کي سٺو سمجھي ٿو، تنهنجي تعريف ڪندو آهي يا ان توکي سلام چيو آهي ۽ ٻئي

جي سامهون به هن طرح جون ڳالهيون ڪري ته جيئن ٻنهي ۾ عداوت گھٽ ٿي وڃي ۽ صلح ٿي وڃي۔ (4) گھرواريءَ کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ڪا ڳالھ خلافِ واقع چئي ڇڏي (ته به ڪوڙ ناهي)۔

(''الفتاوی الھندیۃ''،کتاب الکراھیۃ، الباب السابع عشر في الغناء،ج۵،ص۳۵۲.)