Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

وَلَا تَنْسَوُا الْفَضْلَ بَيْنَكُمْ

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي اِحسان ڪرڻ نه وِساريو.        (احیاء العلوم،۳/۷۶۷)

 

ڪنجوس جي لاءِ بد دُعا ۽ سخي جي لاءِ دُعا

حضرت سيدُنا کَعْبُ الْاََحبار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هر صُبح جو ٻه ملائڪ مُقَرَّر آهن، جيڪي پڪاري چوندا آهن: اي الله عَزَّوَجَلَّ! روڪي رکڻ واري (يعني ڪنجوس) جو مال جلد ضايع ڪري ڇڏ، ۽ خرچ ڪرڻ واري (يعني سخي) کي جلد ان جو بدلو عطا فرمائي۔  (احیاء العلوم،۳/۷۶۷)

                               بنا  دے   مجھے  نیک نیکوں کا صَدْقہ

                        گنا ہو ں  سے  ہر دَم  بچا یا   اِلٰہی       (وسائلِ بخشش ص 105)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سخي سان محبت ۽ کنجوس سان نفرت

   حضرت سيدُنايحييٰ بن مُعاذ رازي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  فرمائن ٿا:سخين جي باري ۾ دل ۾ محبت ئي هوندي آهي، جيتوڻيڪ اهي فاسق ۽ فاجر هجن، جڏهن ته بَخِيل (ڪنجوس) ماڻهن سان نفرت هوندي آهي جيتوڻيڪ اهي نيڪ هجن.  (احیاء العلوم،۳/۷۶۸)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! فيضانِ حضرتِ طلحه بن عُبَيدُالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان فيضياب ٿيڻ ۽ نيڪي جي دعوت کي گھرگھر، دُڪان دُڪان پهچائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي علاقائي دَؤره براءِ نيڪي جي دعوت ۾ اوّل تا آخر شرڪت جي سعادت حاصل ڪيو، علاقائي دؤره براءِ نيڪي جي دعوت جي ذريعي هڪ شرابي تائين پهچڻ واري نيڪي جي دعوت ۽ ان کان پوءِ ان شرابي جي توبه، دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابستگي ۽ مدني ڪمن ۾ عملي طور تي شرڪت جي حوالي سان هڪ نهايت پياري مدني بهار ٻڌو: