Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

بزرگانِ دينعَلَيهم رَحْمَۃُ اللّٰه ِالْمُبِين جي سخاوت جا ڪي مختصر واقعا ٻُڌون ٿا:

صحابَه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جون سخاتون

اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُناعُثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هڪ ڀيري نو سو پنجاھ (950) اُٺ، پنجاھ (50)گھوڙا ۽ هڪ هزار (1000) اَشرفيون راھِ خدا ۾ ڏنيون، ٻيهر بعد ۾ ڏھ هزار (10,000) اَشرفيون پيش ڪيون (مرآۃ المناجیح،۸/۳۹۵بتغیر قلیل) * حضرت سَيدُناعبدُ الرحمٰن بن عَوْفرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجا ست سو (700) اُٺ مع ساز و سامان راھ خُدا ۾ خيرات ڪيا۔ هڪ ڀيري چار هزار (4000)، ٻئي ڀيري چاليھ هزار (40،000) درهم ۽ ٽي ڀيري پنج سو (500) گھوڙا ۽ پنج سو (500) اُٺ راھ خُدا ۾ ڏنا، وفات جي وقت هڪ هزار (1000) گھوڙا ۽ پنجاھ هزار (50،000) دِينارن جو صدقو ڪيو، ۽ جنگِ بدر ۾ شريڪ ٿيڻ وارن صحابَه سڳورن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم اَجۡمعِیۡن جي لاءِ چار چار سو دِينار، جڏهن ته اُمُّ المؤمنين حضرت سَيدَتُنا عائشه صِدِّيقهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُا ۽ ٻين اَزواجِ مُطَهرات رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُنَّ جي لاءِ هڪ باغ جي وصيت ڪئي، جيڪو چاليھ هزار (40،000) درهم جي ماليت جو هو۔ (کراماتِ صحابہ،ص۱۲۶ ملخصاً ) *(حضرت سَيدُناعبدُالله بن عُمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي پسنديده شيءِ هڪدم راه خدا ۾ خَيرات ڪندا هئا، پاڻرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي زندگي ۾ هڪ هزار (1000) غُلامن کي خريد ڪري آزاد فرمايو۔(کراماتِ صحابہ،ص ۱۵۹بتغیر قلیل ) * حضرت سَيدُنا عبدُ الله بن جعفر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ماڻهو (سخاوت ۽ دريا دِلي جي سبب) بَحْرُالْجُوْد (سخاوت جو دريا) ۽ اَسْخَي الْمُسْلِمِين (مسلمانن ۾ سڀ کان وڌيڪ سخي) چوندا هئا۔                                                        (کراماتِ صحابہ،ص۲۲۳بتغیر قلیل )

بزرگانِ دين جون سخاوتون

حضرت سَيدُنا امام زَينُ العابدِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي زندگي ۾ ٻه ڀيرا