Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

گهنج تائين نه ايندو هو، ڪڏهن به ڪنهن سوالي کي خالي هٿين نه موٽايو۔ مال ۽ دولت وٽس هوندي هئي ته بي چين ٿي ويندا هئا ۽ ان کي ضرورت مندن ۾ ورهائي يا راھ خدا ۾ خرچ ڪري اِطمينان محسوس ڪندا هئا۔ هن عظيمُ الشَّان سخاوت جي سبب رسولِ خدا، مڪي مدني مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خُوش ٿي غزوه اُحُد ۾ انهن کي طَلْحَۃُ الْخَير، غزوه عُشَيرَه ۾ طَلْحَۃُالْفَياض ۽ غزوه حُنَين ۾ طَلْحَۃُ الْجُوْد جھڙا عالي شان لقب عطا فرمايا، ۽ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا انهن کي جنّت جي خُوشخبري سان به نوازيو، اسان کي به گھرجي ته بخل کي ڇڏي سخاوت اِختِيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون، يقيناً بُخل هڪ تباھ ڪندڙ مصيبت آهي، اسلام ڪنهن شيء کي ايترو ناهي مٽايو جيترو بخل کي مٽايو آهي، اهو ئي سبب آهي جو بُزُرگانِ دينرَحِمَهمُ اللّٰه الْمُبِين بُخل جي نحوست کان به گھڻو پري رهندا هئا ۽ هميشه صبر و قناعت ۽ توڪُّل ۽ سخاوت ڪندا هئا، اُنهن جي سخاوت جو ته هي عالم هو جو پنهنجي پسنديده شيون به راھ خدا ۾ خرچ ڪري ڇڏيندا هئا۔ اللهعَزَّوَجَلَّ اسان کي صحابه ڪرام  عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان  خاص ڪري حضرت سَيدُنا طلحه بن عُبَيدُ الله  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي صدقي دولتِ سخاوت سان مالا مال فرماءِ۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

مدني چينل جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دورِ حاضر ۾ ميڊيا، ذهن سازي۽ ڪردارسازي ۾ هڪ ڪارگر هٿيار جو ڪم ڪري رهيو آهي، چاهي ان جا اثرات مُثبت (Positive) هجن يا مَنفِي (Negative)، اها ڳالھ ثابت ٿي چڪي آهي ته چڱن ۽ برن خيالن ۽ نظرين کي ڦهلائڻ جي لاءِ ميڊيا هڪ بهترين ۽ مُؤثّر ذريعو آهي۔ ڪيئي ماڻهو پنهنجا مخصوص گمراه ڪُن ۽ باطل نظريا ڦهلائڻ جي