Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat
(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)
سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں نیک ہو جائیں مسلمان مدینے والے
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
عِمامي شريف جون سنتون ۽ آداب
اچو! شيخ طريقت، امير اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالي163 مدني گل مان عمامو ٻڌڻ جون چند سنتون ۽ اداب ٻڌون ٿا:
پهريان ٻه فرمان مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو: * جماعت ۽ عمامي سان گڏ نماز ڏهه هزار (10،000) نيڪين جي برابر آهي. ([1])*عمامي سان گڏ هڪ جمعو بغير عمامي جي ستر عمامن جي برابر آهي. ([2])*# عمامو قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي ٻڌو. ([3])* عمامي ۾ سنت هي آهي ته اڍائي گز کان گھٽ نه هجي، نه ڇهه گز کان وڌيڪ، ۽ ان جي بندش گنبذ نما هجي. ([4]) * رومال جيڪڏهن ايترو وڏو هجي جيڪو مٿي کي چڱي طرح ڍڪي ته اهو عمامو ئي آهي ۽ ننڍو رومال جنهن سان صرف هڪ ٻه وَر اچي سگھن ٻَڌڻ مڪروهه آهي. ([5])* عمامي کي جڏهن نئي سري سان ٻڌڻو هجي ته جيئن ٻڌيل آهي ائين کوليو ۽ هڪ مهل زمين تي نه اُڇلايو. ([6])* جيڪڏهن ضرورتاً لاٿو، ۽ ٻيهر ٻَڌڻ جي نيّت هجي ته هڪ هڪ پيچ کولڻ تي هڪ هڪ گناهه مٽايو ويندو.([7])عمامي جا ڇهه طبي فائدا ملاحظه فرمايو: