Book Name:Imam e Azam ka Taqwa
1. سو سو جَتَن ۽ حيلا بهانا ڪندا آهن۔ (الخيرات الحسان، ص۵۸،ملتقطاً)
2. امام بخاري رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جا اُستادِ محترم، حضرتِ سَيدُنا مڪي بن ابراهيم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: مون اهلِ ڪوفه مان ڪيئي عالمن جي صحبت اختيار ڪئي پر انهن مان ڪنهن کي امام اعظم ابُوحنيفه رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کان وڌيڪ مُتَّـقي ۽ پرهيزگار نه ڏٺو۔ (الخيرات الحسان، ص۵۸)
3. حضرتِ يزيد بن هارون رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: مون هڪ هزار اُستادن وٽان علم حاصل ڪيو پر امام صاحب کي تقويٰ ۽ زبان جي حفاظت ۾ سڀني کان وڌيڪ ڏٺو۔ (الخيرات الحسان، ص۵۸)
4. حضرت وڪيع رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه پنهنجي پاڻ تي لازم ڪيو هو ته جيڪڏهن سچي ڳالھ تي به قسم کنيو ته هڪ دِرهم صدقو ڪندس، هڪ ڀيرو قسم کنيو ته هڪ دِرهم صدقو ڪيو، ان کان پوءِ اهو لازم ڪيو ته هاڻي جيڪر قسم کنيو ته هڪ دينار صدقو ڪندس ته جڏهن به قسم کڻندا ها ته هڪ دِينار صدقو ڪندا ها۔ (الخيرات الحسان، ص۵۸)
فُضُول گوئی کی نکلی عادت، ہو دُور بےجا ہنسی کی خَصلت
دُرُود پڑہتا رہوں میں ہر دَم، امامِ اعظم ابُوحنيفه!
(وسائلِ بخشش مُرمّم، ص۵۷۴)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد