Book Name:Imam e Azam ka Taqwa
(پ۳۰ ، الزلزال:۱) تَرْجموڪنز الايمان: جڏهن زمين ڌڏائي وڃي جيئن ان جو ڌوڏڻ مقرر ٿيل آهي﴾ ته خوف جي شِدَّت کان فجر تائين پنهنجي ڏاڙھي مُبارَڪ هٿ ۾ پڪڙي اها ڳالھ هر هر چوندا رهيا ته ” اسان کي ذرّي برابر گُناھ جي به سزا ڏني ويندي۔“ (حڪايتيں ۽ نصيحتيں ،ص۳۳۵)
عطا ہو خوفِ خدا خدارا، دو اُلفتِ مُصْطَفٰی خدارا
کروں عمل سُنَّتوں پہ ہر دم، امامِ اعظم ابوحنيفه
(وسائلِ بخشش مُرمّم، ص:۵۷۳)
اسان جا ڏينهن ۽ راتيون!
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان اسان جا امامِ اعظم ابُوحنيفه رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه خوفِ خدا جي سبب روئي روئي سڄي رات هڪ ئي آيت سڳوري جي تلاوت ڪندا رهيا ۽ فڪرِ آخرت ۾ اهڙا مگن رهيا جو رات گُذرڻ جو به احساس نه ٿيو۔ جڏهن ته اسان جو مُعاملو هي آهي جو ڏينهن ته الله عَزَّوَجَلَّ جي نافرماني ۽ ناراضگي وارن ڪمن ۾ گُذاريندا آهيون، راتيون به گُناهن ۾ گذرينديون آهن، دوستن سان گڏ فلمون ڊراما ڏسي پنهنجيون اکيون حرام سان ڀريندا آهيون، شادي وغيره جي محفلن ۾ سڄي رات شور شرابي سان ماڻهن جون ننڊون خراب ڪندا آهيون، انٽرنيٽ ۽ موبائل جي نائٽ پيڪجز تي فُضول ۽ بي حيائي و بي شرمي وارين ڳالهين ۾ ۾ سڄي رات برباد ڪندا آهيون، اسان مان هر هڪ پنهنجي دل کان پڇي ته ڇا اسان به ڪڏهن پنهنجي بُزرگن وانگر سڄي رات عبادت ۾ گذاري آهي؟ ڇا اسان جي دل ۾ به تلاوتِ قرآن جو شوق پيدا ٿيو؟ ڇا اسان به ڪڏهن رات جي اونداهي ۾ قبر