Imam e Azam ka Taqwa

Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن ۽ ظاهري طور مُتَّـقي ۽ پارسا نظر اچڻ وارا ماڻهو به ڪاروبار ۾ هير ڦير، ڪوڙ ۽ ڌوڪو ڏيڻ جهڙن گُناهن ۾ مبُتلا نظر ايندا آهن۔ پر قُربان وڃون حضرتِ سَيدُنا امامِ اعظم
رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه تي ته پاڻ به پنهنجي زماني جا تمام وڏا واپاري هئا پر جيئن ٻين مُعاملن ۾ بي مثال هئا، اهڙي طرح پنهنجي ڪاروباري مُعاملن ۾ به تقويٰ ۽ پرهيزگاري جا مَظْهر هئا۔ جيئن

تمام نفعو صدقو ڪري ڇڏيائون!

منقول آهي ته حضرتِ سَيدُناامام اعظم ابُوحنيفه رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جو هڪ غُلام سندن ڪاروباري معاملن ۾ اوهان سان گڏ هوندو هو، پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه واپار جي غرض سان پنهنجو گھڻو ئي مال ان جي حوالي ڪري رکيو هو، هڪ ڀيري ان غُلام کي واپار ۾ ٽيھ هزار(30,000) دِرهمن جو نفعو ٿيو، ان اهو سمورو نفعو امام اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ان کان ڪاروبار بابت تفصيل پڇا ڪئي ته اهو ٻڌائڻ لڳو، ڳالهين ڳالهين ۾ ان هڪ اهڙي وجه بيان ڪئي ته امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ان جي سچائي کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي دل ۾ شڪ پيدا ٿي ويو، پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ان کان شديد ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ ان کان پڇيو: ڇا تو ان واپار جو نَفعو تمام نفعي ۾ مڪس (Mix) ڪري ڇڏيو آهي؟ ان عرض ڪيو: جي ها! ته پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه اِحتياط جي پيشِ