Imam e Azam ka Taqwa

Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

نظر ڪمالِ تقويٰ جو مُظاهرو ڪندي ارشاد فرمايو: هاڻي اهو تمام نفعو مون لاءِ وٺڻ مناسب ناهي آهي۔ ان کي حڪم ڏنو ته فُقَراء کي سڏ ڪيو ۽ اهو سمورو مال انهن کي ورهائي ڏيو۔

(مناقب للموفق، الجزءالاول،ص۲۰۲،بتغير)

”بس پيسو هجي چاهي جهڙو هجي “ جي ڌُن!

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! امام اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه نه صرف شبهي جي سبب نفعي جي سڄي رقم فُقراء ۾ ورهائي ڇڏي ۽ اسان آهيون جو جيڪڏهن اسان کي ڪاروبار ۾ ڪثير نَفعو حاصل ٿئي ته خُوشي ۾ ويڪرا پيا ٿيندا آهيون، اسان کي هن ڳالھ جي ڪا پرواھ ناهي هوندي جو اهو مال جائز طريقي سان حاصل ٿيو آهي يا ناجائز طريقي سان؟ اڪثر اهو جُملو ٻڌڻ جي لاءِ ملندو آهي ”پيسو اچڻ گھرجي چاهي جتان به اچڻ گھرجي“سوچيو ته صحيح اڄ حرام ذريعن سان اچڻ وارو اهو مال قِيامت جي ڏينهن وبال جو سبب بڻجي ويو ته ڇا ڪنداسين؟ هن حرام مال جي ڪري اسان جو رَبّ عَزَّوَجَلَّ اسان کان ناراض ٿي ويو ته اسان ڪيڏانهن وينداسين؟ جيڪڏهن انهيء مال جي سبب جهنَّم ۾ وڃڻ مُقدَّر ٿيو ته يقيناً سخت آزمائش ۾ ڦاسي سگھون ٿا، تنهنڪري اڃا به وقت آهي حلال و حرام ۾ فرق ڪيو، پنهنجي ڪاروبار جي شرعي رهنمائي جي لاءِ دارُالافتاء اهلسنت سان رابطو ڪيو، اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ هن جي لاءِ مدني چينل جو سلسلو "احڪامِ تجارت" به گھڻو فائديمند آهي، هن سلسلي کي به پابندي سان ڏسڻ جي برڪت