Imam e Azam ka Taqwa

Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

تقويٰ جي اهميت

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! تقويٰ ۽ پرهيز گاري آخرت جي سَفر جي ڪاميابي جي لاءِ نهايت اَهميت رکي ٿي، هن نعمتِ عُظمٰي جي بغير اُخروي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ وڏو مشڪل آهي، ڇوته عِبادات کي ادا ڪرڻ ۽ گُناهن کان باز رهڻ جو عظيم ذريعو الله  عَزَّ وَجَلَّ جو خوف ۽ تقويٰ اِختيار ڪرڻ آهي۔

تقويٰ مان ڇا مراد آهي:

تفسيرِ ڪبير ۾ تقوي جي تعريف اها لکيل آهي ته توهان پنهنجي باطن کي الله عَزَّ وَجَلَّ جي لاءِ اهڙو ئي سنواريو جيئن توهان پنهنجي ظاهر کي مَخْلُوق جي لاءِ سنواريو ٿا۔ اهو به چيو ويو آهي ته مُتَّـقي اهو آهي جيڪو مُصطَفٰي ڪريم صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي راھ تي هلي، دُنيا کي پٺ جي پويان رکي، پنهنجي نَفْس کي اِخلاص ۽ وفا جو عادي بڻائي ۽ حرام ۽ نافرماني وارن ڪمن کان اِجتناب ڪري۔ (تفسيرِ ڪبير،تحت الآيۃ : ذلڪ الڪتاب لاريب فيه،ج۱،ص۲۶۸) حضرت سُفيان ثوري رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا ته پرهيز گارن کي مُتَّـقي ان ڪري چيو ويندو آهي جو اهي اهڙين شين کان به بچندا آهن جنهن کان عام طور تي بچڻ دُشوار هوندو آهي۔ (تفسير در منثور ،ج۱،ص۶۱)

قرآنِ پاڪ ۽ تقويٰ جي اَهميت:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته مُتَّـقي اهو شخص هوندو آهي جيڪو الله عَزَّوَجَلَّ جو حقيقي خوف رکڻ وارو هجي، الله عَزَّوَجَلَّ جي