Imam e Azam ka Taqwa

Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

ڪمي واقع ٿي آهي جيڪا منهنجي لاءِ حيران ڪُن هئڻ سان گڏوگڏ وڏي خوش آئند ڳالھ به هئي، مون ٻيهر ان کي پڙھڻ شُروع ڪيو ته وڌيڪ دَرد ۾ اِفاقو ٿيو، اهو ڏسي نه صرف منهنجو ايمان تازه ٿي ويو بلڪ منهنجي بيماري جو علاج به مون کي ملي ويو۔ اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّوَجَلَّ هاڻي روزانو شجرو شريف پڙھڻ جي ترڪيب آهي، جنهن جي برڪت سان منهنجي مٿي جو سور بلڪل ختم ٿي ويو آهي۔ پر جنهن ڏينهن پڙهڻ رهجي ويو ته دَرد ٻيھر موٽي ايندو آهي، ان ڪري مان روزانو شجرو شريف پڙھندو آهيان۔ سڄي زندگي هن کي ڪڏهن به ترڪ نه ڪرڻ جي نِيت ڪئي آهي۔

جيڪي عاشقانِ رسول اميرِاهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا مُريد ياطالب نه آهن، جيڪڏهن اهي به شجره قادريه، رضويه عطاريه جي برڪتن مان فيض ياب ٿيڻ چاهين ٿا ته اَمِيرِاهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي ذريعي سلسلهءِ عاليه قادريه رضويه عطاريه ۾ مُريد يا طالب بڻجي وڃن، اُنهن کي به اَمِيرِاهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي صدقي شجري شريف جون خوب خوب برڪتون نصيب ٿينديون۔

اگر دَرْدِ سَر ہو کہيں کينسر ہو

 

دِلائے گا تم کو شِفا مَدَنی ماحول

شِفائيں مليں گی بَلائيں ٹليں گی

 

يقيناً ہے برکت بھرا مَدَنی ماحول

(وسائلِ بخشش مُرمّم ص: 648)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                       صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

حضرتِ مُصعب رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه  فرمائن ٿا: هڪ ڀيري خليفي منصور امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کي ڏھ هزار درهم ڏيڻ چاهيا ٿي، امامِ اعظم