Book Name:Imam e Azam ka Taqwa
کان معذرت ڪري ورتي ۽ پاڻ هزار درهم گڏ کڻي ان شخص جي ڳولها ۾ مدينه منوره وڃي پهتا ۽ ڳولها شروع ڪئي، هڪ شَخْص کي مسجد ۾ انهيءَ ڪپڙي جي چادر ويڙهي نماز ۾ مشغول ڏٺائون، پاڻ به نفل شروع ڪري ڇڏيا۔ جڏهن اهو نماز کان فارغ ٿيو ته پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ان وٽ ويا ۽ فرمايائون: اهو ڪپڙو جيڪو توهان پاتو آهي اهو منهنجو آهي، ان چيائين: اهو ڪپڙو اوهان جو ڪيئن ٿي سگھي ٿو مون پاڻ ڪوفي وڃي امام ابُوحنيفه رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي دُڪان تان خريد ڪيو آهي۔ پاڻ پڇيو توهان ابُوحنيفه کي سڃاڻو ٿا؟ ان چيو ڇو نه، پاڻ فرمايائون ابوحنيفه مان ئي آهيان، ڇا توهان مون کان ڪپڙو خريد ڪيو هو؟ ان چيو نه۔ تڏهن پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ان کي مڪمل واقعو ٻڌايو ۽ فرمايائون: توهان منهنجو اهو ڪپڙو مون کي ڏئي ڇڏيو ۽ هڪ هزار درهم ان جي سامهون رکي ڇڏيا، ان چيائين مون هن ڪپڙي کي هڪ عرصي تائين استعمال ڪيو آهي منهنجي لاءِ جائز ناهي جو استعمال شُده ڪپڙو واپس ڪيان ۽ هڪ هزار دِرهم به وٺان، پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمايائون: چڱو جيڪڏهن توهان ائين نٿا ڪري سگھو ته منهنجو ڪپڙو مون کي ڏئي ڇڏيو ۽ پنهنجا هڪ هزار درهم واپس وٺي وٺو ۽ جيڪو توهان استعمال ڪيو مان توهان کي معاف ڪيان ٿو، ان جي باوجود اهو شخص نه ته ڪپڙو واپس موٽائڻ تي راضي ٿيو ۽ نه ئي هڪ هزار درهم ورتا۔ ته پوءِ امام ابُوحنيفه رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ڇھ سو درهم پڻ واپس ڪيا، ڪپڙو به ان وٽ رهڻ ڏنو ۽ معذرت ڪري واپس ڪوفي موٽي آيا۔ (المناقب للموفق، الجرءا لاول، ص:۱۹۸، ملتقطا)