Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah
پيش آيو اهو هي هو جو هڪ ڀيري مون جنگل ۾ هڪ اهڙي شخص کي ڏٺو جنهن جا ٻئي هٿ پير ڪٽيل هئا ۽ اهو ريهڙيون پائي هلي رهيو هو۔ ان کان علاوه به اهو کوڙ سارين مشڪلاتن جو شڪار هو، آئون ان کي ڏسي گھڻو حيران ٿيس ۽ مون کي ان تي ترس اچڻ لڳو، مون ويجھو وڃي ان کي سلام ڪيو، ان منهنجو نالو وٺي جواب ڏنو، ان جي واتان پنهنجو نالو ٻڌي مون کي گھڻي حيرت ٿي، مون ان کان پڇيو: اوهان سان منهنجي اها پهرين ملاقات آهي، پوءِ اوهان کي منهنجي نالي جي خبر ڪيئن پئي؟
اهو چوڻ لڳو:جنهن ذات تو کي مون وٽ آندو آهي، انهي مون کي تنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ڇڏي آهي۔ مون چيو: اوهان بلڪل دُرست فرمايو، واقعي منهنجو پروردگار عَزَّوَجَلَّ هر شيء تي قادر آهي۔ پوءِ مون ان کان پڇيو: اوهان ڪٿان کان آيا آهيو ۽ ڪيڏانهن وڃڻ جو ارادو آهي؟ ان چيو: مان بُخارا شهر کان اچي رهيو آهيان ۽ حَرَمَينِ طَيِّبَين ڏانهن وڃي رهيو آهيان۔ اهو ٻڌي مون کي ويتر حيرانگي ٿي ته ان شخص جا هٿ آهن نه ئي پير، پوءِ اهو بُخارا کان ايستائين ڪيئن پهتو ۽ هاڻي اهو مڪه مڪرّمه تائين وڃڻ چاهي ٿو جيڪو هتان کان به ڪافي فاصلي تي آهي، اهو اڪيلو اوستائين ڪيئن پهچندو؟ مان انهن خيالن ۾ گُم حيرت ڀري نگاهن سان ان کي ڏسي رهيو هئس۔
ان شخص منهنجي طرف جلال ڀري نگاھ وڌي ۽ چوڻ لڳو: اي ابراهيم! ڇا توکي ان ڳالھ تي تعجب ٿي رهيو آهي ته قادر وقدير پروردگار عَزَّوَجَلَّ مون جھڙي ڪمزور ۽ هلڻ ڦرڻ کان معذور ٻانهي کي ايستائين وٺي آيو، ايترو چوڻ کان پوءِ ان شخص جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ اهو زار و قطار روئڻ لڳو۔ مون ان کي چيو: اوهان ڪجهه به پريشان نه ٿيو، الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت هر شخص سان گڏ آهي ، اهو ڪنهن کي مايوس ناهي ڪندو۔ پوءِ آئون ان کي اتي ڇڏي اڳتي روانو ٿي ويس، منهنجو به ان سال حج جو ارادو هو، جڏهن مان مڪي شريف پهتس ۽ طواف جي لاءِ خانه ڪعبه ۾ حاضر ٿيس ته اهو ڏسي