Book Name:Barakate Makkah Aur Madinah
حيران رهجي ويس ته اهو ئي اپاهج (يعني معذور) شخص مون کان پهريان خانه ڪعبه پهتل هو ۽ زمين تي ريهڙيون پائي طواف ڪرڻ ۾ مشغول هو۔
(عيون الحڪاياتحصه اول،ص 384 بتغير قليل)
یاخدا ایسے اسباب پاؤں کاش مکے مدینے میں جاؤں
مجھ کو ارمان حج کا بڑا ہے یا خدا تجھ سے میری دعا ہے
(وسائلِ بخشش ،ص۱۳۷)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته جن ماڻهن جا سينه مڪي ۽ مديني جي محبت سان سرشار هوندا آهن ۽ حَرَمَينِ شَرِيفَين جي حاضري جي تڙپ جن جي دلين ۾ رچيل هوندي آهي ته وڏي کان وڏي مصيبت ۽ پريشاني به انهن جي لاءِ ڪا معنيٰ ناهي رکندي ۔
اوهان ملاحظه فرمايو ته هڪ الله وارو حَرَمَينِ طَيبَين جي حاضري جو ايتري قدر شوقين هو جو هٿن پيرن جي بغير، طرح طرح جي تڪليفن ۾ هجڻ جي باوجود به اهو الله عَزَّ وَجَلَّ جي رحمت کان مايوس نه هو، ڇوته خدا عَزَّ وَجَلَّ جي ذات تي ڪامل ڀروسو رکڻ وارا مشڪل حالتن ۾ به بي سهارا نٿا رهن، بلڪ رحمتِ الٰهي انهن جي دَستْگيري ڪندي آهي، ان ڪري ان الله واري جو جذبو به ڪجھ اهڙي قسم جو هو، ان ڪري حاضري جي شوق ۾حَرَمَينِ شَرِيفَين جي زيارت جي لاءِ ديوانگي ۾ ريهڙيون پائي وڃي رهيو هو، ان الله واري جي رفتار جو عالم ته ڏسو ته جڏهن حضرت سَيدُنا ابراهيم خَوّاص رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه طواف جي لاءِ حاضر ٿيا ته اهو ڏسي حيران ٿي ويا ته اهو شخص انهن کان پهريان ئي اتي پهچي طوافِ ڪعبه ۾ مشغول هو۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد