Farooq e Azam ki Aajazi

Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

جي اها مبارڪ عادت هئي ته جڏهن فجر نماز جي لاءِ پنهنجي گھران ايندا هئا ته راھ ۾ ماڻهن کي نماز جي لاءِ جڳائيندي ايندا هئا ۽ فجر جي اذان کان فوراً بعد جيڪڏهن مسجد ۾ ڪو ستل هوندو هو ته ان کي به جڳائيندا هئا۔

(طبقات ڪبري ،ذڪر استخلاف عمر،ج۳ ،ص ۲۶۳)

اَلْحَمْدُ لِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ!دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته سوين اسلامي ڀائر روزانو مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جڳائيندا آهن ۽ نيڪيون ڪمائيندا آهن۔اچو ان باري ۾ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاه مان بُلاؤ آيو

          ضلع قصور پنجاب، پاڪستان جي مقيم اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ته هئس، پر مدني ڪمن ۾ سُستي جو شڪار هئس۔حُسنِ اتفاق سان مُحرَّمُ الحَرام 1431 ھ بمطابق جنوري 2010 ء تي دعوتِ اسلامي جي ڊويزن مُشاورت جي ذميدار اسلامي ڀاءُ سان مُلاقات جو شرف حاصل ٿيو، جڏهن انهن کي منهنجي مدني ڪمن ۾ عدم دلچسپي جي خبر پئي ته انفرادي ڪوشش ڪندي نه صرف مدني ڪم ڪرڻ جو ذهن ڏنو بلڪ صداءِ مدينه جي پابندي ڪرڻ جي ترغيب به ڏياري، ۽ ان باري ۾ اُنهن مون کي شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنَّت دَامَتۡ بَرَكَاتُهُمُ الۡعَالِيَه جو فرمان ’’ صدائے مدینہ دکھائے مدینہ‘‘ به ٻڌايو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ منهنجو ذِهن بڻجي ويو ۽ مديني جي حاضريءَ جي اُميد تي ٻئي ڏينهن کان  مون ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو۔ صداءِ مدينه ڇا لڳائڻ شروع ڪيو مون تي ته الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪرم ٿي ويو۔ منهنجا ڀاڳ کلي پيا، قسمت جو ستارو ائين چمڪيو جو مون کي انهيء سال بارگاھِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حاضري جو شرف حاصل ٿيو۔ وڌيڪ ڪرم اهو جو صداءِ مدينه