Farooq e Azam ki Aajazi

Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                          صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 

(10)عاجزي جي فضيلتن جو مُطالعو ڪيو:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عاجزي اپنائڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي هنن ڪتابن ۽ رسالن ’’تڪبُّر‘‘صفحو 70 کان 96، احياء العلوم جلد 3 صفحو 999 کان 1010، سيرتِ رسولِ عربي صفحو 340 کان 346، فيضانِ عائشه صديقه 560 کان 570، سيرتِ مصطفيٰ "606 تا 609 جو مطالعو ڪيو،اِنْ شَآءَ اللهعَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان عاجزي ۽ انڪساري اختيار ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيندو۔

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان ۾ اسان اَمِيرُالمؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سادگي ۽ عاجزي جا واقعا ٻڌا۔ تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته اسان به غرور ۽ تڪبُّر کان بچي عاجزي ۽ اِنڪساري کي پنهنجي ڪردار ۽ عادت جو حصّو بڻايون ۽ بيان ۾ ذِڪر ڪيل انهن تمام طريقن تي عمل جي ڪوشش ڪيون، جن تي عمل ڪرڻ سان عاجزي ۽ انڪساري ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو ۽ تڪبُّر سان نفرت ٿئي ٿي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                            صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

 

تری سُنّتوں پہ چل کر میری روح جب نکل کر

 

 

چلے تم گلے لگانا مدنی مدینے والے

(وسائلِ بخشش،ص۴۲۸)

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵