Farooq e Azam ki Aajazi

Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

ڪري پنهنجا صدقات، زڪوٰة، خيرات دعوتِ اسلامي کي ڏئي مدني ڪمن ۾ مُعاوِن بڻجو۔

(6) حق ڳالهه تسليم ڪري وٺو

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عاجزي پيدا ڪرڻ وارن ڪمن مان هڪ اهو به آهي ته جيڪڏهن ڪير به اسان جي ڪنهن غلطي جي خبر ڏئي ته جلدي پنهنجي غلطي مڃڻ گهرجي، چاهي هو عمر، تجربي ۽ رُتبي ۾ اوهان کان گهٽ ئي ڇو نه هجي۔ ۽ جڏهن ڪنهن اسلامي ڀاءُ سان اختلافِ راءِ ٿئي، پوءِ اوهان تي ظاهر ٿئي ته اهو حق تي آهي ته ضد ڪرڻ جي بدران مڃي وٺو، پوءِ اُن جي سامهون اِن ڳالهه جو اعتراف ڪندي حق جي بيان تي اُن جي تعريف به ڪريو ته ”اوهان درست فرمائي رهيا آهيو الله تعاليٰ اوهان کي جزاءِ خير عطا فرمائي۔“ اهڙي موقعي تي پنهنجي غلطيءَ مڃڻ  اهو نفس تي تمام گھڻو دشوار آهي، پر لاڳيتو ائين ڪرڻ سان حق جو اعتراف ڪرڻ اوهان جي عادت بڻجي ويندي ۽ ان جي برڪت سان تڪبُّر کان به جان ڇٽي ويندي۔   اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ 

غلطي جو اعتراف!

جليلُ القَدر محدِّث امام دارِ قُطنيرَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جڏهن ننڍي عمر جا شاگرد هئا ته هڪ ڏينهن حضرت سيدنا امام انباري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي درسگاھ ۾ حاضر ٿيا، حديث لکرائڻ مهل امام انباري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن هڪ راوي جي نالي ۾ غلطي ڪئي، حضرت سيدنا دار قطني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ادب جي سبب امام انباري رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کي ته ٽوڪي نه سگهيا پر جيڪو اُنهن جو آواز شاگردن تائين پهچائيندو هو ان کي ان غلطي کان آگاھ ڪري ڇڏيو۔ جڏهن ٻئي جمعي تي امام دارِ قُطني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وري مجلسِ درس ۾ ويا ته امام انباري رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جو حق پسندي جو جوش ۽ بي نفسي جو عالم ڏسو جو انهن ڀري مجلس جي سامهون اهو اعلان