Farooq e Azam ki Aajazi

Book Name:Farooq e Azam ki Aajazi

فرمايو ته اُنهي ڏينهن فُلان نالي ۾ مون کان غلطي ٿي هئي ته هِن نوجوان شاگرد مون کي آگاھ ڪيو هو۔  (تاريخِ بغداد،ج۳،ص۴۰۰)

(7) نمايان حيثيت جا طلبگار نه بڻجو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عاجزي اپنائڻ جي لاءِ هن ڳالھ جو به خيال رکو ته جڏهن اسان پنهنجي ساٿين سان گڏ هجون يا ڪنهن محفل ۾، ڪڏهن به ان خواهش کي دل ۾ جڳهه نه ڏيون ته مون کي نمايان حيثيت ڏني وڃي، مٿانهين جڳهه تي ويهاريو وڃي، منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو وڃي۔ ها! ڪنهن از خود اوهان کي نمايان جڳهه تي ويهڻ جي درخواست ڪئي ته قبول ڪرڻ ۾ حرج ناهي۔ جيئن

اميرالمؤمنين حضرت سيدنا موليٰ عليُّ المرتضٰي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم ڪِٿي تشريف فرما ٿيا ميزبان سندن لاءِ مسند (يعني تخت) کڻي آيو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ان تي رونق افروز ٿيا ۽ فرمايائون: ڪو گڏھ ئي عزت جي ڳالهه قبول نه ڪندو۔

(فتاوٰي رضويه ،ج۲۳،ص۷۲۰ )

(8) غريبن جي دعوت به قبول ڪريو

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صرف اميرن سان تعلق وڌائڻ ۽ انهن وٽ دعوتن تي وڃڻ جا عادي نه بڻجو بلڪ پنهنجي ڄاڻ سُڃاڻ وارن ۾ غريبن کي به شامل ڪريو ۽ جڏهن اُهي اوهان کي دعوت ڏين ته قبول ڪريو۔

غريبن تي خصوصي شفقت

مُحَدِّثِ اعظم پاڪستان حضرت علامه مولانا محمد سردار احمد چشتي قادري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عام طور تي مالدارن جي دعوت قبول نه ڪندا هئا پر اُن جي اُبتڙ جيڪڏهن ڪو غريب مسلمان دعوت جي پيشڪش ڪندو هو ته جيستائين ممڪن هوندو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قبول فرمائي وٺندا هئا ۽ انهن جي معمولي ۽ سادي کاڌي تي به اُنهن جي تعريف فرمائيندا هئا ته جيئن انهن کي ڪو دلي ڏک نه رسي۔ هڪ ڀيري هڪ غريب ماڻهو جي دعوت تي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان جي