Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

هن حديث سڳوري مان مَعلُوم ٿيو ته حُضُور عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام پنهنجي اَهلِ بيتِ ڪرام سان ڪيتري قَدر مَحَبَّت ڪندا هئا جو صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي هن ڳالھ جي تعليم اِرْشاد فرمائي رهيا آهن ته توهان مون سان ۽ منهنجي اَهلِ بَيت سان مَحَبَّت ڪيو ٿا پنهنجي ايندڙ نسلن جي دِلين ۾ به منهنجي ۽ منهنجي اَهل بيت جي مَحَبَّت پيدا ڪيو ته جيئن انهن جو شُمار به نَجات ٿيل ماڻهن ۾ ٿئي۔ هڪ ٻئي هنڌ تي ته آقا عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام پنهنجي اهلِ بيتِ ڪرام جي مَحَبَّت کي ڪامل اِيمان جي لاءِ شرط قرار ڏنو۔ جيئن

فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: ڪو ٻانهو ڪامل مومن نٿو هجي ايستائين جو مان ان کي ان جي جان کان وڌيڪ پيارو نه هجان ۽ منهنجو اَولاد ان کي پنهنجي جان کان وڌيڪ پيارو نه هجي ۽ منهنجو اهل اُن کي پنهنجي اهل کان وڌيڪ مَحْبُوب نه هجي ۽ منهنجي ذات ان کي پنهنجي ذات کان وڌيڪ پياري نه هجي۔

(شعب الايمان للبيهقي،باب في حب النبي،فصل في براء ته في النبوۃ، الحديث:۱۵۰۵، ۲/۱۸۹)

اِیماں جسے کہتے ہیں عقیدے میں ہمارے

وہ تیری محبت  تِری عِتْرَت کی وِلا ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                     صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته ڪامل مؤمن بڻجڻ ۽ اُخروي نجات ماڻڻ جي لاءِ اهلِ بيت سڳورن جي مَحَبَّت نهايت ضروري آهي۔ اهلِ بيت جي مَحَبَّترَسُولُالله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَحَبَّت آهي، اهلِ بيت جي مَحَبَّت الله عَزَّ وَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا حاصل ڪرڻ جو سبب آهي، اهلِ بيت جي مَحَبَّت ايمانِ ڪامل جي نشاني آهي، اهلِ بيت جي مَحَبَّت ٻنهي جهانن جي