Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

سُنّتن جا آئينه دار بڻجن، ماءُ پيءُ جا فرمانبردار بڻجن، حُسنِ اخلاق جا پيڪر بڻجن، علمِ دين حاصل ڪري نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ وارا بڻجن، ته اسان کي به گھرجي ته اسان پنهنجن ٻارن کي اهڙو پاڪيزه مدني ماحول فراهم ڪيون، جتي اهڙي تربيت ڪرڻ جو اِنتظام هجي، اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي جامعاتُ المدينه، مدارِسُ المدينه ۽ دارُالمدينه ۾ خصوصيت سان مدني تربيت تي به توجه ڏني ويندي آهي، اتي پڙهڻ وارا طلباءِ ڪرام ۽ مدني مُنّن کي نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي عطا ڪيل مدني انعامات تي عمل جي ترغيب ڏني ويندي آهي۔ تنهنڪري اوهان به پنهنجن ٻارن کي جامعةُ المدينه، مدرسةُ المدينه ۽ دار المدينه ۾ داخل ڪرايو۔ اوهان جو ٻار به وڏو ٿي سُنّتن جو پيڪر ۽ عِلْمِ دِين جو مبلغ بڻجي ويندو۔ اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’صداء مدينه ‘‘

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ حصو وٺندا رهو۔ انهن 12 مدني ڪمن مان روزانه جو هڪ مَدَني ڪم ’’صداءِ مدينه لڳائڻ‘‘ به آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مسلمانن کي فَجر نماز جي لاءِ جاڳائڻ کي صداءِ مدينه لڳائڻ چئبو آهي۔ مَنْقُول آهي ته اَمِيرُالمؤمنين حَضْرتِ سيدُنا عمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جو اهو معمول هو ته پاڻ ماڻهن کي نماز جي لاءِ بيدار ڪندي، جڏهن فجر نماز جي لاءِ تَشْرِيف ايندا هئا ته رستي ۾ ماڻهن کي نماز جي لاءِ جاڳائيندي ايندا هئا، ۽ اذانِ فجر کان فوراً بعد جيڪڏهن مسجد ۾ ڪو سُتل هوندو هو ان کي به جاڳائيندا هئا۔ (طبقات ڪبريٰ، ذڪر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳) ۽ جيڪڏهن ڪو فجر نماز ۾ غير حاضر هوندو هو ان جي باري ۾ معلومات