Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

ٻيهر سجدي ۾ هليو ويس۔ جڏهن نماز ادا ڪري ورتي ته ماڻهن عرض ڪيو: يارَسُولَ اللهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان نماز ۾ ايترو ڊگھو سجدو ڪيو ته اسان گمان ڪيو ته ڪو امرِ الهٰي واقع ٿي ويو آهي يا حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي وحي نازل ٿيڻ لڳي آهي، پاڻ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: اهڙي ڪا ڳالھ نه هئي، منهنجو پٽ مون تي سوار هو، مون کي اها ڳالھ نه وڻي ته مان جلدي ڪيان ۽ ان جي دل شڪني ٿئي.

(نسائي،ڪتاب التطبيق،باب هل يجوز أن تكون سجدة أطول۔۔الخ،ص۱۹۶،حديث:۱۱۳۸)

کیا بات رضاؔ اُس چَمَنِسْتانِ کرم کی

زَہرا ہے کلی جس میں حُسَیْن اور حَسَن پھُول

(حدائقِ بخشش ،ص 79)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب                 صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سڀ کان وڌيڪ مَحبُوب

حضرت سيدنا انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ  فرمائن ٿا ته رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان عرض ڪيو ويو: اهلِ بيت مان اوهان کي ڪير وڌيڪ محبوب آهي؟فرمايائون: ’’حسن ۽ حسين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا“ وڌيڪ فرمائن ٿا: نبي ڪريم رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سيدتنا فاطمة الزهرارَضِي الله تَعَالٰي عَنْها کي فرمائيندا هئا ’’منهنجي ٻارن کي مون وٽ آڻيو، پوءِ انهن کي سنگھندا هئا ۽ پاڻ سان ڳلي لڳائيندا هئا۔‘‘

(ترمذي،ڪتاب المناقب،باب مناقب ابي محمد الحسن ۔۔۔الخ ،۵/۴۲۸، حديث:۳۷۹۷)

مُفَسِّرِ شَهير،حڪيمُ الامَّت مفتي احمد يار خان عَلَيه رَحْمَۃُ الْحَنَّان هن حديث ِپاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: محبت جا گھڻا قسم آهن: اولاد سان محبت ٻي قسم