Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

1.              محبت ناهي بلڪ انهن جي لاءِ زهرِ قاتل آهي۔(جتي انهن کي سمجھائڻ، انهن جي تربيت ڪرڻ جي حاجت هجي، اتي احسن انداز سان فوراً سمجھائڻ جو سلسلو هئڻ گھرجي)

اولاد جي بهترين تربيت جي باري ۾ وڌيڪ مَدَني گل حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةُ المدينه جي مطبوعه 188 صفحن تي مشتمل ڪتاب ’’تربيتِ اولاد‘‘ ۽ رسالو "اولاد جا حق ۽ ڌيء جي پرورش"هديةً حاصل فرمائي انهن جو مطالعو ڪيو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  اڄ جي بيان ۾ اسان حَسَنَينِ ڪريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا سان سرڪار عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي مَحَبَّت جي حوالي سان ٻڌو ته

* آقا عَلَيه السَّلَام کي هنن ٻنهي شهزادن (حضراتِ حَسَن ۽ حُسَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا) سان بيحد پيار هو ۽ اِهو اُنهيء پيار ۽ تربيت جو هڪ اظهار جو ٻنهي شهزادن جا نالا به سرڪار عَلَيه السَّلَام رکيا هئا۔

*حضراتِ حَسَن ۽ حُسَينرَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جو عقيقو سرڪار عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام خود فرمايو هو، ٻنهي جي تربيت آقا عَلَيه السَّلَام خود فرمائي۔

*حضراتِ حَسَن ۽ حُسَينرَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کي سُتي آقا عَلَيه السَّلَام ڏني، حضراتِ حَسَن ۽ حُسَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جو ننڍپڻ آقا عَلَيه السَّلَام جي سامهون گذريو، انهن جي تربيت آقا عَلَيه السَّلَام  خود فرمائي۔

* پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمحَسَنَينِ ڪريمَين،سَيّدَين،جَلِيلَيۡن،شَهيدَيۡن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کي پنهنجي مبارڪ ڪلهن تي سوار ڪندا هئا، مطلب ته!هر هر ڪم ۾ آقا عَلَيه السَّلَام انهن جي دلجوئي ڪندا هئا ۽ انهن سان پنهنجي دائمي مَحَبَّت جو