Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat
اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ وَالصَّلٰوة وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الۡمُرۡسَلِیۡنط
اَمَّا بَعۡدُ! فَاَعُوۡذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیۡطٰنِ الرَّجِیۡم ط بِسۡمِ اللّٰہِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمط
اَلصَّلٰوة وَ السَّلَامُ عَلَیۡكَ یَا رَسُولَ اللہ |
| وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصۡحٰبِكَ یَا حَبِیۡبَ اللہ |
اَلصَّلٰوة وَ السَّلَامُ عَلَیۡكَ یَا نَبِیَّ اللہ |
| وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصۡحٰبِكَ یَا نُوۡرَ اللہ |
نَـوَيتُ سُنَّتَ الاِعتِکاف (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب پڻ ملندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔
دُرُودِپاڪ جي فضيلت
رَسُولُالله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي : ’’جيڪو مون تي هڪ ڀيرو دُرُودِ پاڪ پڙھندو، اللهعَزَّ وَجَلَّ ان تي ڏھ (10) رَحمتون نازِل فرمائيندو ۽ جيڪو مون تي ڏھ (10) ڀيرا دُرُودِ پاڪ موڪليندو، اللهعَزَّ وَجَلَّ اُن تي سو(100) رحمتون نازل فرمائيندو ۽ جيڪو مون تي سو(100) ڀيرا دُرُودِ پاڪ موڪليندو، الله عَزَّ وَجَلَّ ان جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ لکي ڇڏيندو ته اهو ٻانهو نِفاق ۽ جھنم جي باھ کان بَري آهي ۽ قِيامت جي ڏينهن ان کي شهيدن سان گڏ رکندو۔‘‘
(مجمع الزوائد،ڪتاب الادعيۃ،في الصلوۃ علي النبي۔۔۔الخ،الحديث:۱۷۲۹۸،ج۱۰،ص۲۵۳)
ذِکر و دُرُود ہر گھڑی وِردِ زَباں رہے
میری فُضُول گوئی کی عادت نکال دو
(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص305)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد