Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

وَ مَا ہُوَ عَلَی الۡغَیۡبِ بِضَنِیۡنٍ ﴿ۚ۲۴﴾

(پاره:۳۰، سورۃ التڪوير:۲۴)

 

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ هي نبي غيب ٻڌائڻ ۾ بخيل نه آهي

 ان آيت سڳوري جي حوالي سان تفسيرِ خازِن ۾ آهي: (هن آيت مان) مُراد هي آهي ته سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ علمِ غيب ايندو آهي ته ماڻهن کي ان جي بيان ڪرڻ ۾ بخل نٿا ڪن بلڪ توهان کي ٻڌائيندا آهن۔ (خازن،۴/۳) هن آيت ۽ تفسير مان معلوم ٿيو ته اللهعَزَّوَجَلَّ جا محبوب، داناءِ غيوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن کي غيب ٻڌائيندا آهن ۽ ظاهر آهي ٻڌائيندو اهو جيڪو پاڻ به ڄاڻندو هجي۔

سيدي اعليٰ حَضْرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ’’حدائقِ بخشش شريف‘‘ ۾ ڇا خوب فرمائن ٿا:

اور کوئی غیب کیا تم سے نِہاں ہو بھلا

جب نہ خُدا ہی چھپا تم پہ کروڑوں دُرُود

شرحِ ڪلامِ رضا:

يارَسُولَالله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اوهان جي شان جي ڇا ڳالھ ڪجي! شبِ معراج عين بيداري جي حالت ۾ اوهان پنهنجي مُبارَڪ سر جي اکين سان پنهنجي پاڪ پَروَردگار عَزَّوَجَلَّ جو ديدار ڪيو، ته ائين الله عَزَّوَجَلَّ جيڪو غيبُ الغيب آهي، اهو به پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ظاهر ۽ آشڪار ٿي ويو ته هاڻي ڪو ٻيو غيب پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ڪهڙي طرح لڪي سگھي ٿو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڪروڙين ڀيرا دُرُود ۽ سلام نازل ٿئي۔

بچه بچه نور ڪا!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حَضْرت سَيدُنا حُذَيفه بن يمانرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان مروي اِيمان افروز حديثِ پاڪ مان آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي  نياڻي شهزادِي جي وڏي شان سان گڏوگڏ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ڏوهٽا حَسَنَينِ ڪريمَينرَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا