Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya
جي مقابلي ۾ ٿوڙي ادب جي وڌيڪ ضرورت آهي۔([1]) اعليٰ حضرت،امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمدرضاخان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ارشاد فرمائن ٿا: لَادِينَ لِمَنْ لَّا اَدَبَ لَه يعني جيڪو با ادب ناهي ان جو ڪو دِين ناهي۔([2]) ڪنهن دانا جو قول آهي: مَاوَصَلَ مَنْ وَصَلَ اِلَّا بِالْحُرْمَۃِوَمَاسَقَطَ مَنْ سَقَطَ اِلَّا بِتَرْکِ الْحُرْمَۃِ يعني جنهن جيڪو ڪجھ حاصل ڪيو اَدب ۽ احترام ڪرڻ جي سبب ئي ماڻيو ۽ جنهن جيڪو ڪجھ وڃايو اهو اَدب ۽ احترام نه ڪرڻ جي سبب ئي وڃايو۔([3])
مشهور چوڻي آهي ته”با ادب با نصيب، بے ادب بد نصيب“ تنهنڪري هر مسلمان کي گھرجي ته اهو بي ادبي۽ بي ادبن کان پري رهي۽ دِل و جان سان الله عَزَّ وَجَلَّ جي ولين جو ادب ڪري ڇاڪاڻ ته ادب انسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابيون ۽ عزت ۽ شهرت ڏياريندو آهي، هيءَ اها انمول شيء آهي جو جنهن جي تعليم خود ربِّ ڪائنات عَزَّ وَجَلَّ پنهنجي مدني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ارشاد فرمائي جيئن نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: اَدَّبَنِيْ رَبـِّيْ فَاَحْسَنَ تَاْدِيْبِـيْ يعني مونکي منهنجي ربّ عَزَّ وَجَلَّ ادب سيکاريو ۽ نهايت بهتر ادب سيکاريو۔ (جامع صغیر،حرف الہمزہ،حدیث:۳۱۰،ص۲۵ ) بهرحال عزّت ۽ ذِلّت سڀ الله عَزَّ وَجَلَّ جي اختيار ۾ آهي، اهو چاهي ته پنهنجي پيارن سان نسبت ۽ ان جو ادب ڪرڻ جي برڪت سان هڪ ڪتّي کي به نوازي ڇڏي ۽ ان جي مٿي تي عزّت جو تاج سجائي ان کي جنّت جو پروانو عطا ڪري ڇڏي ۽ چاهي ته بلعم بن باعور جهڙي مقبولِ بارگاھ کي بي ادبي ۽ گستاخي جي سبب سان پنهنجي بارگاھ مان ڌتڪاري ڇڏي۔