Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

ويندو ۽ اهو ان ڪتّي جي شڪل(جو) ٿي دوزخ ۾ پوندو۔اُن (يعني اصحابِ ڪهف جي ڪتّي) محبوبانِ خدا جو ساٿ ڏنو، الله (عَزَّ وَجَلَّ) ان کي انسان بڻائي جنّت عطا فرمائي ۽ ان (يعني بلعم باعُور) محبوبانِ خدا سان عداوت (يعني دشمني) ڪئي (نتيجي ۾ اهو تباھ و برباد ٿي ويو) ۔([1])

مُفَسّرِشهير،حڪيمُ الْاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهفرمائن ٿا: ڪجھ جانور جنّت ۾ ويندا: (1) حُضُورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏاچي قَصوا،(2)اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جو ڪتّو،(3) حضرت سَيدُنا صالح عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي ڏاچي ۽ (4) حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوْحُ الله عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جو دراز گوش۔([2]) هڪ ٻي مقام تي ارشاد فرمائن ٿا: جيڪڏهن زمين مسجد جي لاءِ وقف ٿئي ته ان جو شان ۽ عظمت وڌي ويندي آهي،اصحابِ ڪهفرَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي ڪتّي پنهنجي زندگي الله تعاليٰ جي پيارن جي لاءِ وقف ڪئي ته ان کي هميشه جي زندگي ملي وئي، زمين ۽ ڪتّو زندگي وقف ڪرڻ جي سبب سان شان وارا ٿي ويا، ته جيڪڏهن انسان پنهنجي زندگي الله تعاليٰ جي رِضا ۽ خوشنودي جي حُصُول جي خاطِر دِين جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ملائڪن کان به افضل ٿي ويندو۔([3])

الله تعاليٰ جي نيڪ ٻانهن سان محبت جي برڪت

حضرت سَيدُنا اِمام ابو عبدُالله محمد بن اَحمد قرطبي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهفرمائن ٿا: جڏهن نيڪ ٻانهن ۽ اولياء ڪرامعَلَيهم رَحْمَةُ اللّٰه ِالسَّلام جي صحبت ۾ رهڻ جي برڪت سان هڪ ڪتّو ايترو بلند مقام ماڻي ويو جو الله تعاليٰ ان جو ذڪر قرآنِ پاڪ ۾ فرمايو ته ان مسلمان جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي جيڪو



[1]ملفوظاتِ اعلی حضرت،ص۳۶۶ بتغیر قلیل

[2]مرآۃ المناجیح،۷/۵۰۱بتغیر قلیل

[3]تفسیرِ نعیمی،پ۳،البقرۃ،تحت الآیۃ:۲۷۳،۳/۱۳۴بتغیر قلیل