Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya
مثال طور قبرن کي سجدو ڪرڻ، عورتن جو بي پرده ٿي مَردن جي ميڙ ۾ گُھمڻ ڦرڻ، عورَتن جو اگھاڙي مٿي مزارن وٽ جُھومڻ، دانهون ڪرڻ، نامحرم مَردن کي ڏسڻ، ساز وڄائڻ، ناچ ڪرائڻ، اهي سڀ خُرافات هر حالت ۾ هر هنڌ منع آهن، بزرگن جي مزارن وٽ ته ويتر وڌيڪ مذموم آهن، پر ان خرافات ۽ ممنوعات جي ڪري اهو نٿو چئي سگھجي ته بزرگن جو عرس حرام آهي، بلڪ ان جي بدارن جيڪي ڪم حقيقت ۾ حرام ۽ منع آهن، ان کي روڪڻ لازم آهي۔ نڪ تي جيڪڏهن مک ويٺل آهي ته مک کي اڏائڻ گھرجي نڪ ڪٽي اڇلائڻ نه گھرجي۔ اهڙي طرح جيڪڏهن جاهلن ۽ فاسقن عرس ۾ ڪجھ حرام ۽ ممنوع ڪمن کي شامل ڪيو آهي، ته ان حرام ۽ ممنوع ڪمن کي روڪيو ويندو، عرس کي ئي حرام نه چيو ويندو۔([1])
ہم کو سارے اَولیاء سے پیار ہے | اِنْ شَآءَ اللہ! اپنا بیڑا پار ہے |
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم”صداءِ مدينه
مٺامٺا اسلامي ڀائرو! فيضانِ قرآن سان مالا مال ٿيڻ، اولياءِ ڪرامعَلَيهم رَحْمَۃُ اللّٰه ِالسَّلام جي محبت ۽ عقيدت ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ، علمِ دين سکڻ ۽ عمل جو جذبو دل ۾ پيدا ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيو، ۽ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ به وڌ کان وڌ حصَّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم روزانو ”صداءِ مدينه لڳائڻ“ به آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جڳائڻ کي ”صَداءِ مدينه“ لڳائڻ چوندا آهن، تنهنڪري اوهان به صَداءِ مدينه لڳايو ۽