Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

مَسجدن جي آباد ڪاري ۾ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ صداءِ مدينه لڳائڻ سنتِ صحابه آهي، اَمِيرُالمؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائيندي مسجد ڏانهن ويندا ها۔([1]) اچو! ترغيب لاءِ صداء مدينه لڳائڻ جي هڪ ايمان افروز مدني بهار ٻڌون ٿا،

ڪلمي شريف جو ورد ڪرڻ لڳو

ضلعو اوڪاڙه (پنجاب پاڪستان) جي شهر دِيپالپور جي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته منهنجا چاچا دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ۽ اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا مريد ها۔ پڙھيل لکيل نه هئا پر مَدَني ڪمن ۾ شرڪت رهندي هئي۔ صداءِ مدينه جو روزانو معمول هو ۽ ان جي لاءِ صبح جلدي بيدار ٿي پري پري تائين صداء مدينه لڳائي مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ بيدار ڪندا ها۔ ان عادت جي ڪري هو ”ديپالپور“ ۾ مشهور ها۔ 26 رَمَضانُ المبارڪ ۱۴۲۶؁ھ اسان جا چاچا، سردار آباد (فيصل آباد) کان موٽي رهيا ها۔ عشاء جي نماز جو وقت ٿيڻ تي گاڏي روڪي نمازِ عشاء ادا ڪئي، پوءِ اڳتي روانو ٿيا، گاڏي تيز رفتاري سان وڃي رهي هئي جو اوچتو چاچي بلند آواز سان ڪلمو پاڪ لَآاِلٰه َ اِلَّا الله مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ الله (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) پڙھيو ۽ فرمايو سڀ ڪلِمو پڙھو۔ سڀني ڪلِمي شريف جو ورد شروع ڪيو، اڃا ڪجھ ئي دير گذري هئي جو گاڏي کي اوچتو هڪ زور دار جھٽڪو لڳو ۽ گاڏي ڪلٽي ٿي وئي ۽ لُڙڪندي کائي ۾ ڪري پئي۔ ٻيا ماڻهو معمولي زخمي ٿيا پر چاچي کي شديد زخم ٿيا، شديد تڪليف جي باوُجود سندن زبان تي بلند آواز سان ڪلِمي شريف لَآاِلٰه َ اِلَّا الله مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ الله (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جاري هو ۽ اهڙي طرح ڪلمي شريف جو وِرد ڪندي اسان جو چاچو محمد رفيق عطاري



[1]طبقات کبریٰ، ذکر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳،مفہوماً