Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

1.      سيدنا معروف ڪرخي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي مزار جي حاضري مُرادون پوريون ٿيڻ جي لاءِ مُجَرَّب (يعني تجربه شُده) آهي ۽ جيڪو سندن مزار وٽ 100 ڀيرا سوره اِخلاص جي تلاوت ڪري، پوءِ الله عَزَّ وَجَلَّ کان سوال ڪري ته الله عَزَّوَجَلَّ ان جي حاجت کي پورو فرمائيندو۔([1])

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته الله وارن جي مزارن جون به خوب برڪتون آهن جو اتي اچڻ وارو خالي ناهي موٽايو ويندو بلڪ مَن جون مرادون ماڻيندو آهي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به بزرگن جي محبت ۽ عقيدت وڌائڻ جي لاءِ شريعت جي دائري ۾ رهي ڪري وقتاً فوقتاً انهن جي مزارن جي حاضري ۽ انهن جي عُرس ۾ شرڪت جو اهتمام ڪيون، عُرس جي موقع تي نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جي نيت سان خوب رسالا ورهائڻ جي ترڪيب ڪئي وڃي، زائرين کي نماز جي پابندي جي تلقين ڪئي وڃي، مدني انعامات تي عمل ڪرڻ ۽ مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ اِنفرادي ڪوشش جو سلسلو ڪيو وڃي، مسجد ۽ فِناء مسجد کان علاوه جتي ممڪن هجي مدني چينل جي ذريعي مدني مذاڪرو ڏسڻ/ ڏيکارڻ جو باقاعده اِهتمام ڪيو وڃي، هفتيوار اجتماع جي ڏينهن قريبي هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وڃي۔"مدني تربيت گاھ" قائم ڪري عاشقانِ رسول کي فرض علوم، سُنّتون ۽آداب سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي۔

ڪتاب ” فيضانِ مزاراتِ اولياء“ جو تعارُف

اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهمْ اَجْمَعِين جي شان ۽ عظمت ۽ ان جي مزارن تي حاضري جون وڌيڪ برڪتون ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 138 صفحن تي مشتمل ڪتاب ” فيضانِ مزاراتِ اوليا“ جو مطالعو فرمايو، اهو ڪتاب عارف بِالله امام عبدُ الغني بن اسماعيل نابُلُسِي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي عربي ڪتاب



[1]مناقب معروف الکرخی ،الباب السابع والعشرون فی ذکر فضیلۃ زیارۃ قبرہ …الخ ،ص۲۰۰