Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

جواب ڏيندا۔ ([1]) يا هن ريت چوي؛ اَلسَّلامُ عَلَیْکَ اَیُّـھَاالنَّبِیُّ (يعني يا نبي توهان تي سلام) ڇوته حضور اقدسصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو روح مبارڪ مسلمانن جي گهرن ۾ تشريف فرما هوندو آهي۔([2]) * جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ چاهيو ته هيئن چئو؛ اَلسَّلامُ عَلَیْکُم ڇا مان اندر اچي سگھان ٿو؟ * جيڪڏهن داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي ته خوشيءَ سان موٽي وڃو، ٿي سگھي ٿو ڪنهن مجبوري جي ڪري گهر جي مالڪ اجازت نه ڏني هجي * جواب ۾ نالو ٻڌائڻ کان پوءِ دروازي کان هٽي بيهو ته جيئن دروازو کلندي ئي گهر ۾ نظر نه پوي * ڪنهن جي گهر وڃو ته اُتان جي انتظامات تي بي جا تنقيد نه ڪريو ان سان اُن جي دل آزاري ٿي سگھي ٿي * واپسيءَ تي گهروارن جي باري ۾ دعا به ڪريو ۽ شڪريو به ادا ڪريو ۽ سلام به ۽ ٿي سگھي ته ڪو سنتن ڀريو رسالو وغيره تحفي ۾ پيش ڪريو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينهجي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

علم حاصل کرو، جہل زائل کرو

 

پاؤ گے راحتیں، قافلے میں چلو

سنتیں سیکھنے، تین دن کےلیے

 

ہر مہینے چلیں ، قافلے میں چلو

 


 



[1]رَدُّالْمُحتار،۹ / ۶۸۲

[2]شرح الشّفاء للقاری، ۲/۱۱۸