Book Name:Huzor ka bachpan

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  اچو! بَرَڪت حاصل ڪرڻ ۽ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مَحَبَّت وڌائڻ جي لاءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ننڍپڻ جون ڪجھ وڌيڪ پياري پياري اَدائُن جي باري ۾ ٻڌون ٿا، جيئن سردارِ مَڪه مُڪرَّمَه، سلطانِ مَدِينه مُنَوَّره صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي عُمر جي ابتدائي حصّي ۾ پيدا ٿيندي ئي جيڪو ڪلام فرمايو اهو اَلله اکبَر کبِيراً وَالْحَمْدُ لِلّٰه کثِيراً هو،  اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرشتا پينگهو لوڏيندا هئا۔

                             (سُبُلُ الهدٰي وَالرِّشَاد، الباب التاسع في مناغاته للقم…الخ، ۱/۳۴۹)

حضرت سيدُنا عبّاس رَضِى الله تَعَالٰي عَنْهفرمائن ٿا ته مون عرض ڪيو:يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! مون کي ته اوهان جي نُبُوَّت جي علامتن دِينِ اِسلام ۾ داخل ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي۔ مون ڏٺو ته اوهان پينگھي ۾ چنڊ سان راند ڪندا هئا ۽ پنهنجي آڱر سان جنهن پاسي اشارو ڪندا هئا چنڊ ان پاسي جهڪجي ويندو هو۔              (جمعُ الجَوامع، حرف الهمزۃ مع النون، ۳/۲۱۲، حديث:۸۳۶۱)

سَروَرِ ذِيشان،مَحبوبِ رَحمٰن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي انهيء معجزي جو نقشو ڇڪيندي اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ احمد رضا خانرَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه پنهنجي نعتيه ديوان حدائقِ بخشش ۾ فرمائن ٿا:

چاند جھک جاتا جدھر اُنگلی اٹھاتے مہد میں

 

کیا ہی چلتا تھا اشاروں پر کِھلونا نور کا

(حدائقِ بخشش، ص۲۴۹)

 

شعر جي وضاحت: يعني رحمت عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي پينگھي ۾ ليٽي ڪري پنهنجي آڱر کي لوڏيندا ها ته نُوري رانديڪو يعني چنڊ اوهان جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪندي پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آڱر جي اِشارن تي چر پرڪندو هو ۔