Book Name:Huzor ka bachpan

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ٻارن جي عادت جي مطابق ڪڏهن به پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪپڙن ۾ بول ۽ براز نه ڪيو، بلڪ هميشه هڪ مُعَيّن وقت تي رَفعِ حاجَت ڪندا هئا۔ (معارِجُ النُّبُوَّۃ، رڪن دوم، باب سوم، فصل دوم، ص۵۶)

مَیل سے کس درجہ ستھرا ہے وہ پُتلا نور کا

 

ہے گلے میں آج تک کورا ہی کُرتا نور کا

(حدائق بخشش،ص۲۴۴)

 

شعر جي وضاحت: اي منهنجا پيارا آقا! صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جو جسم اقدس مير مٽيءَ کان تمام گھڻو صاف ۽ شَفاف آهي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بدنِ مبارڪ تي هميشه سادي قميص ئي استعمال فرمائي ۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن کان پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گُفتگو جو آغاز فرمايو، بِسْمِ اللّٰه شريف پڙھڻ بنا ڪنهن شيء ڏانهن هٿ نه وڌايو ۽ نه ئي کاٻي هٿ سان ڪا شيء نه ورتي۔   (معارِجُ النُّبُوَّۃ، رڪن دوم، باب سوم، فصل دوم، ص۵۶)

حضرت سَيدَتُنا حليمه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها فرمائن ٿيون: دورانِ شيرخوارگي (يعني کير پيڻ واري عمر ۾) پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سار سنڀار ۾ مون کي نهايت آرام ۽ آسائش هئي۔ (معارِجُ النُّبُوَّۃ، رڪن دوم، باب سوم، فصل دوم، ص۵۶) جڏهن مان اوهان کي وهنجارڻ چاهيندي هئس ته غيب مان ڪو ئي مون کان اڳتي وڌي ويندو هو۔  (معارِجُ النُّبُوَّۃ، رڪن دوم، باب سوم، فصل دوم، ص۵۶)

پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻين ٻارن جيان نه دانهون ڪندا هئا نه ئي گِريو زاري ڪندا هئا۔  (معارِجُ النُّبُوَّۃ، رڪن دوم، باب سوم، فصل دوم، ص۵۶)