Book Name:Huzor ka bachpan

فضلِ پیدائشی پر ہمیشہ دُرُود

 

کھیلنے سے کراہت پہ لاکھوں سلام

(حدائق بخشش،ص۳۰۶)

شعر جي وضاحت: حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيدائش جي موقعي تي عجيب ۽ غريب واقعا ظاهر ٿيا مثال طور حضرتِ آمنه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها کي مڪي ۾ ويهي قيصر ۽ ڪسريٰ جا محل نظر اچڻ، بطنِ اقدس مان نڪرندڙ نور سان سڄي دنيا جو روشن ٿيڻ، ايوانِ ڪسريٰ جا چوڏهن (14) ڪنگرا ٽٽي ڪري پوڻ، اِيران جي آتش ڪدي جو وسامڻ، جانورن جو هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏيڻ وغيره وغيره۔ ان عظمت تي هميشه رحمت الٰهي وسندي رهي ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو راند روند ڏانهن مائل نه ٿيڻ جي پياري عادت تي لکين سلام هجن.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

روزانو هڪ نُور سج جيان رحمت عالميان، مڪي مدني سُلطانصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خِدمت ۾ حاضِر ٿيندو هو جيڪو اوهان کي ڍڪي لاهيندو هو ۽ پوءِ هليو ويندو هو۔ (معارِجُ النُّبُوَّۃ، رڪن دوم، باب سوم، فصل دوم، ص۵۶)

حضرت سَيدَتُنا حليمه سعديه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها فرمائن ٿيون: هڪ ڏينهن حُضور
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي هنج ۾ هئا ته ڪجھ ٻڪرين جو گُذر ٿيو ،اُنهن مان هڪ ٻڪري آئي ۽ جلدي سان پنهنجو مٿو زمين تي رکيو (يعني سجدو ڪيو ۽ ان کان بعد)، حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سرِ اَقدَس کي چمي ڏني ۽ واپس موٽي وئي۔

چاند شق ہو پیڑ بولیں جانور سجدے کریں

بارَکَ اﷲ مرجعِ عالم یہی سرکار ہے

(حدائق بخشش،ص۱۷۶)