Book Name:Huzor ka bachpan

شعر جي وضاحت: اسان جي آقا عَلَيه الصَّلٰوۃُ السَّلَام  تي الله عَزَّ وَجَلَّ  جو ڪيترو ڪرم آهي ته آڱر جي اشاري سان چنڊ ٽڪڙا ٿي رهيو آهي، پاڻ سڳورنصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حڪم سان وڻن کي ڳالهائڻ جي سگھ ملي رهي آهي، جانور پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سجدو ڪن ٿا، سُبْحٰنَ الله عَزَّ وَجَلَّ! اسان جا آقا عَلَيه الصَّلٰوۃُ السَّلَام رڳو انسانن جا ئي مرجع نه آهن بلڪه مَرجع عالَم آهن، يعني تمام مخلوق اوهان ئي ڏانهن رجوع ڪندي آهي ته اهڙي طرح پاڻ سڀني جي پناھ گاھ آهن۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اسان جي پِياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ننڍپڻ جون اَدائون ڪيتريون خُوبصورت هيون جو پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي پينگھوڙي مان چنڊ سان کيڏندا هئا، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عام ٻارن وانگر روئندا نه هئا، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن گُفتُگو جو آغاز فرمايو ته سڀ کان پهريان الله عَزَّوَجَلَّ جو مُبَارَڪ نالو ورتو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن ڪنهن ڪم جي لاءِ هٿ وڌائيندا هئا ته بِسمِ الله شريف پڙھندا هئا ۽ ڏيڻ وٺڻ ۾ هميشه سڌو هٿ استعمال ڪندا هئا۔

ڪڏهن بسم الله پڙھڻ گھرجي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  اسان کي به پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيروي ڪندي هر جائز ڪم کان پهريان بِسمِ الله شريف پڙھڻ گھرجي ته ان سان ڪم ۾ برڪت ٿيندي آهي ۽ جنهن ڪم جي ابتدا ۾ بِسمِ الله نه پڙھي وڃي اهو نامڪمل رهجي ويندو آهي جيئن ته