Book Name:Huzor ka bachpan

فرمانِ مصطفيٰصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جيڪو به اهم ڪم بِسۡمِ اللّٰهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم سان شروع ناهي ڪيو ويندو اهو اڌورو رهجي ويندو آهي۔“ الدرالمنثورج ١ ص ٢٦ ) تنهنڪري کائڻ کارائڻ، پيئڻ پيارڻ، رکڻ کڻڻ، ڌوئڻ، پچائڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ، هلڻ (گاڏي وغيره) هلائڻ، ويهڻ ويهارڻ، بتي ٻارڻ، پکو هلائڻ، دسترخوان رکڻ کڻڻ، بسترو وڇائڻ ويڙهڻ، دڪان کولڻ، بند ڪرڻ، تالوکولڻ بند ڪرڻ، تيل وجهڻ، عطر لڳائڻ، بيان ڪرڻ، نعت شريف ٻڌائڻ، جُتي پائڻ، عمامو سجائڻ، دروازو کولڻ، بند ڪرڻ، الغرض ته هر جائز ڪم جـي شـروع ۾ (جـڏهن ته ڪا شـرعي ممانعت نـه هجي) بِسۡمِ اللّٰهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡم پـڙهڻ جي عادت بڻائي ڪـري ان جـون بـرڪتون حاصل ڪرڻ عين سعادت آهي۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيروي ڪندي نه رڳو پاڻ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتن تي عَمل ڪيون بلڪ پنهنجن ٻارن جي مدني تَربِيت ڪندي ان ڳالھ جو لحاظ رکون ته انهن کي ’’ٽاٽا،پاپا‘‘ سيکارڻ بدران ابتدا ئي کان الله عَزَّ وَجَلَّ جو نالو وٺڻ سيکاريون، انهن سان کيڏڻ مهل سکائڻ جي نيت سان انهن جي سامهون بار بار الله،الله ڪندا رهون، ائين ڪرڻ سان اِن شَآءَاللهُ عَزَّ وَجَلَّ ٻار جي زبان مان سڀ کان پهريون لفظ’’الله‘‘ نڪرندو۔

وڌيڪ ڳالهائڻ شروع ڪري ته پوءِ ڪلمه طَيبَه لَآ اِلٰه اِلَّا الله مُحَمَّدٌ رَّسُولُ الله چوڻ سيکاريو۔ ڪي ماڻهو پنهنجي ٻارن کي هي سيکاريندا آهن ته الله مٿي آهي، لهٰذا انهن ٻارن کان جڏهن پيار سان پڇيو وڃي ته پٽ! الله تعاليٰ ڪٿي آهي؟ ته هو هڪدم آسمان ڏانهن آڱر کڻندو آهي، ٻارن کي ان طرح جا اشارا هرگز هرگز نه سيکاريو۔ياد رکو! اولاد جي صحيح تربيت جو بهترين وقت ننڍپڻ ئي هوندو آهي، ڇوته جيڪا نيڪ ۽ سٺي عادت ننڍپڻ ۾ سيکاري ويندي