Book Name:Huzor ka bachpan

آهي اها زندگي جي ڪنهن موڙ تي نٿي سيکاري سگھجي، ٻار کي جيڪڏهن ايندي ويندي وقت ٽاٽا ’’باءِ باءِ‘‘ سکائڻ جي بدران سلام ڪرڻ سکارينداسين ته اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ هو سڄي عمر ان عادت کي نه ڇڏيندو، جيڪڏهن ننڍڙي عمر ۾ سچ ڳالهائڻ جي عادَت وڌي وڃي ته هو سڄي عُمر ڪوڙ کان بيزار رهندو، اهڙي طرح جيڪڏهن سُنّت جي مُطابِق کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ جوتو پائڻ، لباس پائڻ مٿي تي عِمامو ٻڌڻ ۽ وارن ۾ ڪنگھي وغيره ڪرڻ جو عادي ننڍپڻ ئي کان بڻايو وڃي ته اهو نه صرف پاڻ ان پاڪيزه عادتن کي اپنائي رکندو بلڪ ان جا هي چڱا وصف ان سان گڏ رهڻ وارن ٻين ٻارن ۾ به منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويندا۔ جيڪڏهن ٻارن جي صحيح تربيت نه ٿيڻ سبب خدانخواسته اهي گناهن جي راھ تي هلڻ لڳا، ته اهڙو اولاد جتي دنيا ۾ والدين جي رُسوائي جو سَبب بڻجي ويندو آهي، اتي آخرت ۾ به والِدَين جي پڪڙ جو باعث بڻجي سگھي ٿو جيئن ته

حضرت سَيدُناعبدُالله بن عمر رَضِى الله تَعَالٰي عَنْهمَا هڪ شخص کي فرمايائون: پنهنجي ٻار جي سٺي تربيت ڪيو ڇوته توهان کان توهان جي اولاد جي باري ۾ پڇيو ويندو ته توهان ان جي ڪهڙي تَربِيت ڪئي آهي ۽ توهان ان کي ڇا سيکاريو آهي۔  (شعب الايمان، ۶/۴۰۰،حديث۸۶۶۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين يعني مدني مُنّن ۽ مدني مُنّين جي مدني تربيت ڪيئن ڪريون؟ ان جي لاءِ مان اوهان کي مشورو ڏيان ٿو ته مڪتبة المدينه جي ڪتاب "تربيتِ اولاد" جو مطالعو ڪيو، ان کان سواء اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي رِسالي "اولاد جا حق" جو به مطالعو فرمايو ۽ ياد رکو ته! ٻارن جي تربيت جي لاءِ والِدين جو سٺي ماحول سان وابسته رهڻ نهايت اَهم آهي، ڇوته ان جي بغير تربيتِ اولاد جو خواب ڪڏهن به پورو نٿو ٿي سگھي.