Book Name:Huzor ka bachpan

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’مسجد درس ‘‘

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سٺي صحبت، مدني ماحول ماڻڻ ۽ ٻارن جي مدني تربيت ڪرڻ جو دُرست طَرِيقو سکڻ جي لاءِ دَعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان هر دَم وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 12مَدَني ڪمن ۾ خُوب خُوب حِصّو وٺو، ذيلي حلقي جي ٻارهن (12) مدني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مسجددرس“ به آهي، اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ مسجد درس ڏيڻ ۽ ٻڌڻ جي برڪت سان ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جو موقعو ملندو آهي، حديثِ قُدسي ۾ آهي ته الله عَزَّ وَجَلَّ حضرت سيدُنا مُوسيٰ ڪلِيم الله عَلٰي نَبِينَاوَعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ڏانهن وَحي فرمائي: ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ٻين کي به سيکاريو، مان ڀلائي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن جي قبرن کي روشن ڪندس ته جيئن انهن کي ڪنهن قسم جي وَحشت نه ٿئي۔ (حِليۃُ الاَولِياء ج۶، ص۵ حديث۷۶۲۲) اچو! تَرغِيب لاءِ مَسجد درس جي هڪ مدني بهار ٻڌو ۽ جهومجي وڃو جيئن

درس جي برڪت سان عمامو سجائي ورتو

هڪ مَدَني قافلو سکر بابُ الاسلام سندھ جي هڪ ڳوٺ ۾ ويو۔ هڪ اسلامي ڀاءُ نماز کان بعد درس ڏنو۔ درس ۾ پاڻي پيئڻ جون سُنتون ۽ آخر ۾ بيهي ڪري پاڻي پيئڻ جا نُقصان بيان ڪيا ويا۔ هڪ وڏي عُمر جا بُزرگ جيڪي اتي تشريف فرما هئا، هو ٻڌي روئڻ لڳا، ماڻهن پڇيو: اوهان ڇو روئي رهيا آهيو؟ انهن ڪجھ ان طرح پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو ته منهنجي وڏي عمر گذري وئي، پر مون کي انهن سُنّتن جي باري ۾ معلومات نه هئي، عنقريب مان به مرڻ وارو آهيان، اڃا تائين مون کي سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنّتن جي باري ۾ علم ئي ناهي ته قبر ۾ پاڻ سڳورن....... کي ڪيئن