Book Name:Huzor ka bachpan

سڃاڻيندس۔ اهي بزرگ ايترا ڪمزور هئا جو انهن کي سهارو ڏئي اٿاريو ويندو هو۔

اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ اهي دعوتِ اسلامي سان ايترو متاثر ٿيو جو مٿي تي سبز سبز عِمامَو شَريف سَجائي ورتو۔

دعوتِ اسلامی کی قَیّوم

اک اک گھر میں مچ  جائے دُھوم

اس پہ فدا ہوبچہ بچہ

یااللہ میری جھولی بھر دے

(وسائل بخشش،ص۱۲۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي مٺي مٺي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ننڍپڻ به نهايت ئي دلڪش هو، ڇوته سندن وجودِ مَسعُود جون بَرڪتون ۽ بهارون ته ننڍپڻ ئي کان ظاهر ٿيڻ شُروع ٿي ويون هيون، اچو! پنهنجن سِينن ۾ مَحَبَّتِ مُصطَفٰي کي وڌيڪ اُجاگر ڪرڻ جي لاءِ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وُجودِ مبارڪ مان ظاهر ٿيڻ وارين بَرڪتن جي باري ۾ ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

وُجُودِ مُصطَفٰي جون بهارون

حُضور پُرنور، فيضِ گنجورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي رضاعِي ڀاء سان گڏجي ٻڪريون چاريندا هئا، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضاعي ڀاء هڪ ڏينهن پنهنجي والِده کي عرض ڪرڻ لڳا: اَمان! منهنجو حجازي ڀاء جڏهن ڪنهن خُشڪ وادي ۾ قدَم رکندو آهي ته ان جي تازگي ۽ ساوڪ موٽي ايندي آهي۔ جڏهن ٻڪرين کي پاڻي پيئارڻ جي لاءِ کوھ جي ويجھو ويندو آهي ته پاڻي خودبخود کوھ جي منهن تائين بلند ٿي ويندو آهي۔ جڏهن سمهندو آهي ته ان وٽ دَرندا