Book Name:Huzor ka bachpan

ايندا آهن ۽ قدَم بوسي ڪندا(يعني پير مبارک چمندا) آهن ۽ جڏهن اُس ۾ سمهندا آهن ته ڪڪر اچي سج جي تپش ۾ ان تي ڇانو ڪندو آهي۔ هي ٻڌي حضرت سيدَتُنا حليمه سعديه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها ارشاد فرمايائون: اي منهنجا پٽ! پنهنجي ڀاء جو خيال رکجان۔   (الرَّوضُ الفائِق، ص۳۰۳)

تِری صُورت تِری سیرت زمانے سے نرالی ہے

تِری ہر ہر ادا پیارے دلیلِ بے مثالی ہے

بشر ہو یا مَلَکْ جو ہے تِرے در کا سوالی ہے

تری سرکار والا ہے ترا دربار عالی ہے

 (ذوق نعت،ص۱۶۰)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! پنهنجي دل ۾ محبتِ مُصطَفٰي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ننڍپڻ شريف جا وڌيڪ واقعا ٻڌون ٿا:

ابو طالب جي گھر ۾ برڪتون!

جڏهن حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چاچي ابو طالب پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجي ڪفالت ۾ ورتو ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمابو طالب جي گھر آيا ته ان جو گھر برڪتن ڀريو ٿي ويو جيئن ابو طالب جو بيان آهي ته (سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پهريان) جڏهن به منهنجا ٻار کاڌو کائيندا هئا ته پيٽ نه ڀرجندو هئن، پر جڏهن کان حضورِپُرنورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان  اهي گڏ کاڌو کائن ٿا ته سڀئي ٻار پيٽ ڀري کائن ٿا، ان ڪري جڏهن به مان پنهنجي ٻارن کي کاڌو ڏيڻ چاهيندو هيس ته چوندو هيم ترسو، منهنجي پٽ (محمد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) کي اچڻ ڏيو پوءِ کاڌو کائڻ شروع ڪجو، اهڙي طرح جڏهن به ٻارن کي کير پيئارڻو هوندو هو ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پهريان پيئاريندا هئا پوءِ پنهنجي ٻارن کي ڏيندا هئا ۽ جيڪڏهن ان جي پٽن مان پهريان ڪو پي وٺندو