Book Name:Huzor ka bachpan

هو ته هو سڄو ٿانو اڪيلو ئي ختم ڪندو هو۔ابو طالب هي ڏسي چوندا هئا: اي محمدصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم توهان جي برڪتن جي ڇا ڳالھ ڪجي۔ (دلائل النبوۃ ص۹۵)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله تعاليٰ جا اهڙا پاڪيزه رسول آهن جو جنهن کي انسانن سان گڏوگڏ جانور به سڃاڻن ٿا ته اوهان الله تعاليٰ جا آخري رسول آهيو، اهو ئي سبب آهي جو جانور جڏهن پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روشن چهري کي ڏسندا هئا ته سندن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو قُرب ماڻڻ جي ڪوشِش ڪندا هئا۔ اچو! ان باري ۾ هڪ اِيمان افروز رُوحاني واقعو ٻڌو ۽ جھومو، جيئن

يمن جو سفر

      جڏهن حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عمر مبارڪ ڏھ (10)سالن جي هئي ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي چاچي زُبير سان گڏ يمن جي سفر تي ويا، ۽ هڪ وادي مان گذريا، جنهن ۾ هڪ نر اُٺ هو جيڪو ماڻهن کي لنگھڻ کان روڪي رهيو هو، جڏهن ان اُٺ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏٺو ته ويهي رهيو ۽ پنهنجو سِينو زَمِين تي گسائڻ  لڳو ته آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمپنهنجي اُٺ تان لهي ان تي سوار ٿيا جڏهن وادي پار ڪري ورتي ته ان کي ڇڏي ڏنو جڏهن سَفر تان موٽيا ته ڏٺائون وادي پاڻي سان ڀرجي وئي آهي ته سڀ قافلي وارا اتي ترسي پيا، ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايائون ته توهان منهنجي پويان اچو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان وادي جي اندر تشريف کڻي ويا ۽ سڀ قُرَيش پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پويان پويان هلڻ لڳا، اللهعَزَّ وَجَلَّ پاڻي خشڪ ڪري ڇڏيو، جڏهن اهي ماڻهو مڪي واپس موٽيا ته سڀني کي هي واقعو ٻڌايو، جنهن کي ٻڌي انهن چيو ان ٻار جي شان نرالي آهي۔( سبل السھدي والرشاد ، ۲/ ۱۳۹)