Book Name:Huzor ka bachpan

 

اللہ اللہ شہِ کونین جلالت تیری

تُو ہی ہے مُلک خدا مِلک خدا کا مالک

 

فرش کیا عرش پہ جاری ہے حکومت تیری

راج تیرا ہے زمانے میں حکومت تیری

(ذوقِ نعت،ص۱۷۱ )

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مَعلُوم ٿيو ته اسان جي آقا، مَدِيني واري مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عام انسانن وانگر بالڪل نه هئا بلڪه الله عَزَّ وَجَلَّ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي خاص اِنعام و اِڪرامن سان نَوازيو هو، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو خُوب خُوب شان ۽ عظمت بيان ڪيون، نه صرف پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان بلڪه پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذاتِ مُقدَسَّه سان مَحَبَّت ڪرڻ وارن سان مَحَبَّت ڪيون ۽ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۾ بي اَدبيون ڪرڻ وارن جي صُحبَت کان پري رهون۔ ان مقصد جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهون، ته ان مدني ماحول سان وابسته رهڻ جي برڪت سان دُنيا ۽ آخرت سنورجي ويندي آهي۔  اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ دعوتِ اسلامي مختلف شُعبن جي ذريعي دِين جي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهي آهي۔

مَجلِسِ آئي ٽي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي 102 کان وڌيڪ شعبن مان هڪ شعبو "مجلس آئي ٽي" جو تعارف ٻڌو:

 اِنفَارميشن ٽيڪنالوجي جي ذريعي سڄي دُنيا جي ماڻهن تائين دُرُست اِسلامي تعليمات پهچائڻ ۽ اُنهن کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشِش جو مَدَني ذِهن ڏيڻ ان مَجلس جي بُنيادِي مَقصدن ۾ شامِل آهي۔”مَجلسِ آئي ٽي“ جي ڪارنامن مان هڪ ڪارنامو اعليٰ حضرت،اِمامِ