Book Name:Huzor ka bachpan

اَهلسُنّت مَولانا شاه اَحمد رَضا خان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي تَحرير ڪيل فتاويٰ جات جي مَجمُوعي بَنَام ”فتاويٰ رَضَوِيه“ ۽ شُهره آفاق تَرجمو قُرآن ڪنزُالاِيمَان کي سافٽ وئير جي شڪل ۾ پيش ڪرڻ به آهي جيڪو گھڻو ساراھ جوڳو ڪارنامو آهي. ان مَجلِس ”مَجْلِسِ تَوْقِيت“ جي تَعَاوُن سان هڪ اهڙو سافٽ وئير به مُتَعَارَف ڪرايو آهي جيڪو ڪمپيوٽر وغيره تي نَمازن جي دُرُست وقت جي نشاندهي ڪرڻ ۾ بيحد مُفِيد آهي،اَلمدينه لائبريري سافٽ وئير جي ذَرِيعي 200 کان وڌيڪ ڪتابن جو آساني سان مُطَالَعَو ڪري سگھجي ٿو۔

اللہ کرم ایسا کرے تُجھ پہ جَہاں میں

 

اے دعوتِ اِسلامی تِری دُھوم مَچی ہو

(وسائل بخشش مرمم،ص۳۱۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

آڱر جي اشاري سان برسات ٿي!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّ وَجَلَّ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هر شيء جو مالڪ ۽ مختار بڻايو آهي، جنّ هجي يا انسان، سج هجي يا چنڊ، زمين ۽ آسمان ۽ ڪڪرن تي به نبي مختار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حڪومت قائم آهي، ڪڪرن کي پنهنجي مبارڪ هٿن سان اشارو فرمايو ته اهي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حڪم جي تعميل ڪندي ڇماڇم وسڻ لڳندا هئا۔ اچو! ان باري ۾ هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌون ٿا جيئن،

هڪ ڀيري عرب شريف ۾ تمام گھڻو ڏڪار پئجي ويو، انهن مان هڪ حسين ۽ جميل پوڙھي مڪي وارن کي چيو ته اي مڪي وارو! اسان ۾ ابُوطالب موجود آهن جيڪي باني ڪعبه حضرت ابراهيم خليلُ الله عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي اولاد مان آهن ۽ ڪعبي جا مُتوَلّي ۽ سجاده نشين به آهن، اسان کي ان