Book Name:Huzor ka bachpan

وٽ هلي دُعا لاءِ درخواست ڪرڻ گھرجي، پوءِ سردارانِ عرب ابو طالب جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض گذار ٿيا ته اي ابو طالب! ڏڪار جي باھ سڄي عرب کي ساڙي ڇڏيو آهي، جانور گاھ پاڻي جي لاءِ ترسي رهيا آهن ۽ انسان داڻو پاڻي نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي دَم ڏين پيا، قافلن جي آمد ۽ رفت بند ٿي چڪي آهي ۽ هر پاسي بربادي ۽ ويراني ٿي چڪي آهي، اوهان برسات جي لاءِ دُعا ڪيو، اهلِ عرب جي فرياد ٻُڌي ابو طالب جو دل ڀرجي آيو ۽ حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پاڻ سان گڏ وٺي حرمِ ڪعبه ۾ ويا ۽ حُضُورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڪعبي جي ڀت سان ٽيڪ لڳائي ويهاري ڇڏيو ۽ دُعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي ويا، دُعا دوران حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي آڱر مُبارڪ کي آسمان ڏانهن کنيائون، هڪ دَم چئني پاسن کان ڪڪر ظاهر ٿيا ۽ فوراً ئي ايتري زور سان رحمت ڀري برسات ٿي جو عرب جي زمين سيراب ٿي وئي، جنگلن ۽ ميدانن ۾ هر پاسي پاڻي ئي پاڻي نظر اچڻ لڳو، چٽيل ميدانن جون زمينون سرسبز ۽ شاداب ٿي ويون، ڏڪار ختم ٿي ويو ۽ سڄو عرب خوش حال ۽ نهال ٿي ويو، پوءِ ابوطالب پنهنجي اُن ڊگھي قصيدي ۾ جنهن کي حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تعريف ۾ لکيو هو، ان ۾ هن واقعي کي هڪ شعر ۾ اهڙي طرح ذڪر ڪيو آهي ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهڙي سفيد رنگ وارا آهن جو سندن رُخِ اَنور جي ذريعي برسات طلب ڪئي ويندي آهي، هو يتيمن جو ٺڪاڻو ۽ بيوائن جا نگهبان آهن۔   (شرح زرقاني،۱ /۳۵۵ملخصا)

جن کو سُوئے آسماں پھیلا کے جَل تَھل بھر دیے

صدقہ اُن ہاتھوں کا پیارے ہم کو بھی درکارہے

(حدائقِ بخشش،ص۱۷۶)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد