Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

شوقِ عِلمِ دين

حضرتِ سَيدُنا شَيخ عَبدُ القادِر جِيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي عِلمِ دين حاصِل ڪرڻ جو انداز تمام نِرالو هو، پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه فرمائن ٿا: مان پنهنجي طالِبِ عِلمي جي زماني ۾ استادن کان سبق وٺي  جنگل ڏانهن نڪري ويندو هئس، پوءِ بَيابانن ۽ وِيرانن ۾ ڏينهن هجي يا رات، آنڌي هجي يا مُوسلا ڌار برسات، گرمي هجي يا سردي پنهنجو مُطالَعو جاري رکندو هئس، ان وقت مان پنهنجي مٿي تي هڪ ننڍڙو عِمامو ٻڌندو هئس ۽ معمولي سبزي کائي پيٽ جي بک مٽائيندو هئس، ڪڏهن ڪڏهن هي سبزي به نه ملندي هئي، ڇوته بک جي ڪري ٻيا فقير به هوڏانهن جو رُخ ڪندا هئا، اهڙي موقعن تي مون کي شَرم ايندو هو ته مان دَرويشن جي حق تلفي ڪيان، مجبوراً اتان هليو ويندو هئس ۽ پنهنجو مُطَالعو جاري رکندو هئس، پوءِ ننڊ ايندي هئي ته خالي پيٽ ئي پٿرين کان ڀريل زمين تي سمهي رهندو هئس۔ (قلائد الجواہر، ص۱۰ملخصاً)

مرا حُبِّ دُنیا سے پیچھا چُھڑا دے ۔

 عطا اپنی اُلفت تُو کر غوثِ اعظم

شہا نفسِ اَمّارہ مغلوب ہو اَب

۔ ہو شیطان کا دُور شَر غوثِ اعظم

زَباں پر رہے میری یا پیر و مُرشِد ۔

تِرا ذِکر آٹھوں پَہر غوثِ اعظم

 

ڏياريو جنّت

غوثِ پاڪ

ڏيو بدين کان نفرت

غوثِ پاڪ

ڏيوشوقِ عبادت

غوثِ پاڪ

سرڪار جي اُلفت

غوثِ پاڪ

مرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور ڪيو ته ايترين مشقتن ۽ تڪليفن کي برداشت ڪندي پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه عِلمِ دين حاصل ڪيو، ان جي باوجود ڪڏهن به