Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

سندن مُبارَڪ زبان مان ڪي شڪوه ۽ شڪايت ڀريا لفظ نه نڪتا۔ هن واقعي مان اسان کي هي قيمتي بغدادي گل ملن ٿا ته جڏهن ڪا مصيبت ۽ پريشاني اچي ته قرآن ۽ حديث ۾ بيان ڪيل صبر جي فضيلتن ۽ ترغيبن کي پيشِ نظر رکندي صبر سان ڪم وٺڻ گھرجي ۽ اها ڳالھ ذهن نشين رکڻ گھرجي ته هي دُنيا آزمائشن جو گھر آهي، ان ۾ جتي بيشمار راحت آهي، اتي رنج ۽ غم جا جبل به آهن، آسانين سان گڏوگڏ مشڪل ترين واديون به آهن۔ اهو ئي سبب آهي ته جڏهن کان انسانيت وجود ۾ آئي آهي، ان وقت کان اڄ تائين عام مؤمنين بلڪ انبياءَ ۽ مرسلين عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ۽ اولياء ڪاملين کي به راحتون ۽ خوشيون ملن سان گڏوگڏ طرح طرح جون آزمائشون ۽ مصيبتون پهنچنديون رهيون، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن الله عَزَّوَجَلَّ جي مُقرّب ٻانهن کي آسانين جي بدران مشڪلاتن کي گھڻو منهن ڏيڻو پوي ٿو، پر اهي پاڪ هستيون حرفِ شڪايت زبان تي آڻڻ جي بدران هميشه خوش دلي سان مصيبت ۽ رنج برداشت ڪندا آهن بلڪ پنهنجي مُريدِين،مُحِبِّين، مُتَعَلِّقِين جي به مدني تربيت ڪندا آهن۔ تنهنڪري اسان کي به هنن بزرگ هستين جي نقشِ قدم تي هلندي الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان ملندڙ نعمتن تي شڪر ۽ مصيبتن تي صبر ڪرڻ گھرجي.

قرآنِ ڪريم ۾ مختلف هنڌن تي صبر جا فضائل بيان ڪيا ويا آهن، اچو! صبر جي عادت اپنائڻ جي لاءِ ٻه 2 فرمانِ خداوندي عَزَّوَجَلَّ ۽ٻه  فرمان غوثِ پاڪ جي نانا جان، رحمتِ عالميان، محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مُلاحظه ڪيو۔

اُولٰٓئِکَ یُؤۡتَوۡنَ اَجۡرَہُمۡ مَّرَّتَیۡنِ بِمَا صَبَرُوۡا

(پ۲۰،القصص:۵۴)

ترجمو ڪنزالايمان؛ انهن کي سندن اجر ٻيڻو ڪري ڏنو ويندو سندن صبر جي بدلي.