Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

وَ لَنَجۡزِیَنَّ الَّذِیۡنَ صَبَرُوۡۤا اَجۡرَہُمۡ بِاَحۡسَنِ
 مَا  کَانُوۡا یَعۡمَلُوۡنَ ﴿۹۶﴾ (پ۱۴،النحل:۹۶)

ترجمو ڪنزالايمان؛ ۽ ضرور اسان صبر ڪرڻ وارن کي اهو صلو ڏيندا سي جيڪو انهن جي سڀ کان چڱي ڪم جي لائق هجي

      نبين جي سُلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: جنهن مسلمان کي ڪو ڪنڊو لڳي يا ان کان به معمولي مصيبت پهچي، ته ان جي لاءِ هڪ درجو لکيو ويندو آهي ۽ ان جو هڪ گناھ مٽايو ويندو آهي۔

(مسلم، کتاب البروالصلة ، باب ثواب المؤمن فیما…الخ،ص۱۳۹۱، حدیث:۲۵۷۲)

      نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَرصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: الله عَزَّ وَجَلَّ جنهن سان ڀلائي جو ارادو ڪندو آهي، ان کي مصيبت ۾ مبتلا ڪندو آهي۔

(بخاری، کتاب المرضی ، باب ماجاء کفارة المرض، ۴/ ۴، حدیث: ۵۶۴۵)

ہے صبر تو خزانۂ فِردَوس بھائیو!

عاشق کے لب پہ شِکوہ کبھی بھی نہ آ سکے

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مصيبتن تڪليفن تي شِڪوو شڪايتون ڪرڻ ۽ هر وقت ماڻهن اڳيان پنهنجون پريشانيون ٻڌائڻ بدران آزمائشن ۽ تڪليفن کي برداشت ڪندي صبر ۽ تَحَمُّل سان ڪم وٺڻ گھرجي۔ جيڪڏهن اڄ اسان تي غم جا ڪڪر ڇانيل آهن ته سڀاڻي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ خُوشين ڀري برسات پڻ ٿيندي، اڄ مشڪلاتون آهن ته سڀاڻي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  آسانين به ٿينديون، جيئن خُوشين جو وقت اچي گذري ويندو آهي، ائين ئي پريشانين جو وقت به گذري ئي ويندو، اهو ئي سبب آهي ته حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه مصيبتن جي وقت اللهعَزَّ وَجَلَّ جي هن فرمانِ عالي کي سامهون رکندا هئا:

    اِنَّ مَعَ الۡعُسۡرِ  یُسۡرًا ؕ﴿۶﴾

  (پ ۳۰،الم نشرح:۵)

ترجمو ڪنزالايمان؛ بيشڪ ڏک پٺيان سُک آهي.

      ۽ پوءِ الله عَزَّوَجَلَّ ان صبر ۽ استقامت جو انهن کي اهو صِلو عطا فرمايو ته